وزيراعظم شهباز شريف ملڪ جي نوجوانن لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهيو آهي: انجنيئر امير مقام

چڪدره-29 ڊسمبر (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ملڪ جي نوجوانن لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهيو آهي ۽ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ان جي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. نوجوانن تي ڪيل سيڙپڪاري دراصل پاڪستان جي روشن مستقبل جي ضمانت آهي. مالاڪنڊ يونيورسٽيءَ ۾ پرائيم منسٽر يوٿ ليپ ٽاپ اسڪيم فيز 4 جي تقريب کي …

چڪدره-29 ڊسمبر (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ملڪ جي نوجوانن لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهيو آهي ۽ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ان جي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. نوجوانن تي ڪيل سيڙپڪاري دراصل پاڪستان جي روشن مستقبل جي ضمانت آهي. مالاڪنڊ يونيورسٽيءَ ۾ پرائيم منسٽر يوٿ ليپ ٽاپ اسڪيم فيز 4 جي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته پرائيم منسٽر يوٿ ليپ ٽاپ اسڪيم جي شروعات مسلم ليگ (ن) جي قائد محمد نواز شريف جي ويزن تحت ٿي ۽ وزيراعظم شهباز شريف ان کي نه صرف بحال ڪيو پر وڌايو به، وزيراعظم شهباز شريف ذاتي طور نوجوانن لاءِ تعليمي ڊجيٽل ۽ هنرمنديءَ جي منصوبن جي نگراني ڪري ٿو ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ٿو ته ملڪ جو نوجوان جديد گهرجن موجب اڳتي وڌي. انجنيئر امير مقام واضح ڪيو ته ليپ ٽاپ اسڪيم مڪمل طور ميرٽ ۽ شفافيت تي ٻَڌل آهي، بنا ميرٽ ليپ ٽاپ ڏيڻ جو ڪو هڪ به ڪيس ثابت ڪري ته سياست ڇڏي ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. هي وزيراعظم شهباز شريف ۽ قائد محمد نواز شريف جو واضح فيصلو آهي ته صرف اهي ئي شاگرد ان سهولت جا حقدار آهن جيڪي واقعي مستحق آهن. هن چيو ته 2018ع کان 2022ع تائين هي قومي اهميت جو پروگرام بند رهيو جڏهن ته 2022ع ۾ شهباز شريف جي ٻيهر وزيراعظم بڻجڻ کانپوءِ سڀ کان پهريون فيصلو ان اسڪيم کي بحال ڪرڻ جو ڪيو ويو. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ 10 لک کان وڌيڪ ليپ ٽاپ ورهايا ويا آهن ۽ اهو سلسلو آئينده به پوري رفتار سان جاري رهندو. وفاقي وزير ٻُڌايو ته مالاڪنڊ يونيورسٽي جي 600 ميرٽ تي آيل شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ليپ ٽاپ تقسيم ڪري رهيا آهيون. هن يونيورسٽيءَ جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته مالاڪنڊ يونيورسٽي جو ڪي پي ڪي ۾ پهريون ۽ سڄي ملڪ ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪرڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته جابلو ۽ ڏوارنهن علائقن جي نوجوانن کي موقعا ڏنا وڃن ته اهي به ملڪ ۽ قوم جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن.

مزید خبریں