اسلام آباد- 29 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي جو رجحان رھيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس ٻنپهرن تائين 1239.16 پوائنٽ اضافي کانپوءِ 173639.89 پوائنٽس تائين پھچي ويو. هڪ مرحلي تي 100 انڊيڪس، هڪ لک 74 هزار پوائنٽس جي نفسياتي حد کي پار ڪري ورتو ۽ انڊيڪس 174411.72 پوائنٽس جي تاريخي سطح تائين پهچي ويو، جنهن کانپوءِ گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي. ٻنپهرن جو هڪ لڳي 30 …
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي جو رجحان، 100 انڊيڪس 173639.89 پوائنٽس تائين پھچي ويو

مزید خبریں
اسلام آباد- 29 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي جو رجحان رھيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس ٻنپهرن تائين 1239.16 پوائنٽ اضافي کانپوءِ 173639.89 پوائنٽس تائين پھچي ويو. هڪ مرحلي تي 100 انڊيڪس، هڪ لک 74 هزار پوائنٽس جي نفسياتي حد کي پار ڪري ورتو ۽ انڊيڪس 174411.72 پوائنٽس جي تاريخي سطح تائين پهچي ويو، جنهن کانپوءِ گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي. ٻنپهرن جو هڪ لڳي 30 منٽ تائين 497.99 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي جنهن جي ماليت 27.21 ارب رپيا هئي. پاڪستاني ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپني، بئنڪ آف پنجاب، فوجي فوڊز ۽ پي آءِ اي هولڊنگز ڪمپني جي وڌيڪ شيئرز جي خريد ۽ وڪرو ٿيو.










