نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس

اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار هڪ بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ايندڙ دوري جي تيارين جو جائزو ورتو ويو، وزيراعظم 19 کان 23 جنوري 2026ع تائين ڊيووس – ڪلوسترز، سوئٽزرلينڊ ۾ منعقد ٿيندڙ ورلڊ اڪنامڪ فورم (ڊبليو اي ايف) جي 56هين سالياني اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. ڪالهه سومر ڏينهن پرڏيهي وزارت …

اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار هڪ بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ايندڙ دوري جي تيارين جو جائزو ورتو ويو، وزيراعظم 19 کان 23 جنوري 2026ع تائين ڊيووس – ڪلوسترز، سوئٽزرلينڊ ۾ منعقد ٿيندڙ ورلڊ اڪنامڪ فورم (ڊبليو اي ايف) جي 56هين سالياني اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. ڪالهه سومر ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ پرڏيهي سيڪريٽري ۽ جنيوا ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي سمي سينيئر عملدارن نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي تيارين، تجويز ڪيل پروگرامن ۽ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي ايجنڊا بابت بريفنگ ڏني. دوري دوران ٻطرفي ملاقاتن جي رخن ۽ وسيع ميڊيا مصروفيتن جي حوايل سان پڻ تفصيلي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير هدايت ڪئي ته ايندڙ ملڪي سربراهن، حڪومتي سربراهن ۽ ا قتصادي، ڪاروباري ۽ مالياتي ادارن جي اعليٰ قيادت سان ملاقاتن کي وڌ کان وڌ موثر بڻايو وڃي. هن زور ڏنو ته نجي شعبي جي ڪاروباري ادارن سان تعاون جا موقعا ڳوليا وڃن.

مزید خبریں