نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار ۽ مصر جي پرڏيهي وزير جو ٽيليفونڪ رابطو

اسلام آباد-28 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار مصر جي پرڏيهي وزير بدر احمد محمد عبدالعاطي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. آچر ڏينهن پرڏيهي وزارت مان جاري بيان مطابق ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفن لاڳاپن ۾ هاڪاري اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن علائقائي ۽ عالمي معاملن خاص ڪري صوماليه ۽ يمن جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. ٻنهي اڳواڻن علائقائي امن، استحڪام …

اسلام آباد-28 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار مصر جي پرڏيهي وزير بدر احمد محمد عبدالعاطي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. آچر ڏينهن پرڏيهي وزارت مان جاري بيان مطابق ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفن لاڳاپن ۾ هاڪاري اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن علائقائي ۽ عالمي معاملن خاص ڪري صوماليه ۽ يمن جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. ٻنهي اڳواڻن علائقائي امن، استحڪام ۽ ترقي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں