پهرين جنوري کان اسلام آباد ۾ بنا ايم ٽيگ جي گاڏيون داخل نه ٿي سگهنديون

اسلام آباد-28 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ پهرين جنوري کان بنا ايم ٽيگ جي گاڏيون داخل نه ٿي سگهنديون، گهرو وزير جي حڪمن تحت بنا ايم ٽيگ جي گاڏين خلاف ڪارروائيون شروع ڪيون وينديون. آچر ڏينهن ضلعي انتظاميا طرفان جاري بيان مطابق ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد عرفان نواز ميمڻ سمورن ايم ٽيگ پوائنٽس تي پراسيسنگ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، سڄي شهر ۾ …

اسلام آباد-28 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ پهرين جنوري کان بنا ايم ٽيگ جي گاڏيون داخل نه ٿي سگهنديون، گهرو وزير جي حڪمن تحت بنا ايم ٽيگ جي گاڏين خلاف ڪارروائيون شروع ڪيون وينديون. آچر ڏينهن ضلعي انتظاميا طرفان جاري بيان مطابق ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد عرفان نواز ميمڻ سمورن ايم ٽيگ پوائنٽس تي پراسيسنگ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، سڄي شهر ۾ ايم ٽيگ لاءِ مختلف جاين تي 16 پوائنٽس قائم ڪيا ويا آهن. ڊي سي اسلام آباد چيو ته 14 نومبر کان هاڻي تائين مجموعي طور تي هڪ لک جي لڳ ڀڳ گاڏين کي ايم ٽيگ جاري ڪيا ويا آهن، بنا ايم ٽيگ گاڏين جي ٽيگ ريڊرز جي مدد سان نشاندهي ڪئي ويندي، ٽيگ ريڊرز کي مختلف انٽري پوائنٽس ۽ ناڪن تي لڳايو ويندو. هن چيو ته پهرين جنوري کان ٽيگ ريڊرز فعال ٿيندي ئي بنا ايم ٽيگ جي گاڏين خلاف ڪارروائيون شروع ٿي وينديون، شهري ڪنهن به قانوني مشڪل کان بچڻ لاءِ فوري طور تي پنهنجي گاڏين کي ايم ٽيگ لڳرائين.

مزید خبریں