لاڙڪاڻو-27 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ملڪ لاءِ اسان جانيون قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، ضرورت پئي اسان جا ايندڙ نسل به اوهان سان وڙهندا. هن چيو ته دنيا اڃا به ڀارت سان لحاظ ڪيو، اوهان 4 ڏينهن به جنگ وڙهي نٿا سگهو. اسان جي فوج ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو. هن چيو ته مودي کي خبر پئجي وئي ته پاڪستان پاڪستان آهي. ڀارت …
ملڪ لاءِ اسان جانيون قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، ضرورت پئي اسان جا ايندڙ نسل به اوهان سان وڙهندا: صدر آصف علي زداري

مزید خبریں
لاڙڪاڻو-27 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ملڪ لاءِ اسان جانيون قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، ضرورت پئي اسان جا ايندڙ نسل به اوهان سان وڙهندا. هن چيو ته دنيا اڃا به ڀارت سان لحاظ ڪيو، اوهان 4 ڏينهن به جنگ وڙهي نٿا سگهو. اسان جي فوج ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو. هن چيو ته مودي کي خبر پئجي وئي ته پاڪستان پاڪستان آهي. ڀارت کي خبر پئجي وئي آهي ته جنگ ٻارن جي راند نه آهي،اسان چاهيون ها ته ڀارت جا سڀ جهاز ڪيرائي تباهه ڪيون ها. هن چيو ته پيپلزپارٽي پاڪستان کپي جو نعرو هڻي پاڪستان کي بچايو. بينظير ڀٽو جي شهادت جو ڏينهن پاڪستان کي بچائڻ جو ڏينهن آهي.هن چيو ته پاڪستان قيامت تائين قائم رهندو. فوج حڪومت جي سپر ويزن ۾ ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو. هن چيو ته اسان اهڙو آرمي چيف مقرر ڪيو، جنهن ڀارت جي اکين ۾ اکيون وجهي وطن جو دفاع ڪيو.










