قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي اڳواڻي ۾ حڪومت جو هڪ اعليٰ سطحي وفد شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جي تقريبن ۾ شرڪت ڪندو

اسلام آباد-27 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي اڳواڻي ۾ حڪومت جو هڪ اعليٰ سطحي وفد اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جي تقريبن ۾ شرڪت ڪندو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل بيان موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي اڳواڻي ۾ وفد ڳڙهي خدا بخش لاءِ روانو ٿيو. وفد ۾ وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، وفاقي وزير طارق …

اسلام آباد-27 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي اڳواڻي ۾ حڪومت جو هڪ اعليٰ سطحي وفد اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جي تقريبن ۾ شرڪت ڪندو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل بيان موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي اڳواڻي ۾ وفد ڳڙهي خدا بخش لاءِ روانو ٿيو. وفد ۾ وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، وفاقي وزير طارق فضل چوڌري ۽ قومي اسيمبلي جا ميمبر شامل آهن. اهو وفد وزيراعظم شهباز شريف جي خاص هدايتن تي ورسي جي تقريبن ۾ شرڪت ڪندو. وفد پيپلز پارٽي جي مرڪزي قيادت سان پُڻ ملاقات ڪندو. سردار اياز صادق چيو ته اڄ اسان پاڪستان جي عظيم ڌيءَ، اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو شهيد جي ورسي ملهائي رهيا آهيون. بينظير ڀٽو عورتن جي ڪردار کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ پاڪستان کي هڪ پرامن، ترقي پسند ۽ جمهوري رياست بڻائڻ لاءِ اهم قدم کنيا. سندس قربانيون ۽ خدمتون قوم لاءِ مشعل راهه آهن. هن چيو ته بينظير ڀٽو شهيد پاڪستان ۾ رواداري، بردباري، قانون جي حڪمراني ۽ عوامي ڀلائي جي سفر کي اڳتي وڌايو، الله تعاليٰ بينظير ڀٽو شهيد کي رحمت جي دائري ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.

مزید خبریں