شهيد محترمه بينظير ڀٽو فرقيواريت، نفرت ۽ عدم برداشت جي خلاف هئي: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد – 27 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم هئي جنهن کي پاڪستان جي عوام ٻه ڀيرا چونڊيو، هڪ اهڙي سياسي ماحول ۾ جتي جمهوريت کي بار بار پابندين کي منهن ڏيڻو پيو، آمريت مڙهيل رهي ۽ عورتن جي لاءِ رستا مشڪل بڻايا ويا، هن آئين، پارليامينٽ ۽ عوام جي ووٽ جي حق جي …

اسلام آباد – 27 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم هئي جنهن کي پاڪستان جي عوام ٻه ڀيرا چونڊيو، هڪ اهڙي سياسي ماحول ۾ جتي جمهوريت کي بار بار پابندين کي منهن ڏيڻو پيو، آمريت مڙهيل رهي ۽ عورتن جي لاءِ رستا مشڪل بڻايا ويا، هن آئين، پارليامينٽ ۽ عوام جي ووٽ جي حق جي لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي، چونڊن ۾ سندس بار بار ڪاميابي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته هو پرامن سياست ۽ جمهوريت تي پورو يقين رکندي هئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 18هين ورسيءَ تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 27 ڊسمبر تي سڄي دنيا ۾ ۽ خاص طور تي پاڪستان ۾ شهيد جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو کي ياد ڪيو پيو وڃي، اسان هڪ اهڙي اڳواڻ کي خراج عقيدت پيش ڪري رهيا آهيون جنهن جي زندگي ۽ قرباني پاڪستان ۾ جمهوريت جي جدوجهد سان مضبوط تعلق رکي ٿي. هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم هئي جنهن کي پاڪستان جي عوام ٻه ڀيرا چونڊيو، هڪ اهڙي سياسي ماحول ۾ جتي جمهوريت کي بار بار پابندين کي منهن ڏيڻو پيو، آمريت مڙهيل رهي ۽ عورتن جي لاءِ رستا مشڪل بڻايا ويا، هن آئين، پارليامينٽ ۽ عوام جي ووٽ جي حق لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي، چونڊن ۾ سندس بار بار ڪاميابي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته هو پرامن سياست ۽ جمهوريت تي يقين رکندي هئي. هن انهن ماڻهن جي ڳالهه ڪئي جن جو معاشري ۾ ڪو آواز نه هو، آبادگار، مزدور ۽ غريب خاندان پاڻ کي ان جي ويجهو محسوس ڪندا هئا ۽ اهي ئي ماڻهو سندس سياست جو مرڪز هئا، هن عوامي ڀلائي تي ڌيان ڏنو ۽ خاص طور تي نوجوانن جي لاءِ روزگار، تعليم، بنيادي سهولتن ۽ سماجي ترقي جا موقعا وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي. صدر آصف علي زرداري چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو هڪ اهڙي پاڪستان تي يقين رکندي هئي جنهن ۾ سڀني جي شموليت هجي، هو فرقيواريت، نفرت ۽ عدم برداشت جي خلاف هئي ۽ اقليتن جي حقن جي لاءِ مسلسل آواز اٿاريندي رهي، سندس خواب هڪ اهڙو ملڪ هو جتي مذهب کي مڃيندڙ عزت، برابري ۽ تحفظ سان زندگي گذاري سگهن، هوءَ اهو به سمجهندي هئي ته پاڪستان کي بدلجندڙ دنيا سان گڏ هلڻو پوندو. صدر چيو ته 1990ع جي ڏهاڪي ۾ هن معيشت کي بهتر بڻائڻ، سيڙپڪاري آڻڻ ۽ جديد ميڊيا کي فروغ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، انهن قدمن سان ايندڙ وقت ۾ بهتر رابطن ۽ معاشي موقعن جي راهه هموار ٿي، انتهاپسندي جي خلاف سندس جرئتمنداڻو موقف سندس يادگار خدمتن ۾ شامل آهي، هن تشدد ۽ نفرت جي خلاف کلي ڳالهه ڪئي ۽ پنهنجي نظرين جي قيمت حياتي جي صورت ۾ ادا ڪئي، سندس شهادت اسان کي اهو سيکاري ٿي ته دهشتگردي جو مقابلو رڳو طاقت سان نه پر سوچ، تعليم ۽ هڪ ٻئي جي احترام سان به ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي نوجوانن جي لاءِ سندس زندگي ۾ هڪ واضح پيغام آهي ته انصاف جي لاءِ آواز اٿاريو، پرامن طريقي سان منظم ٿيو ۽ مشڪل حالتن ۾ به اميد جو دامن نه ڇڏيو، هن پابندين ۽ دٻاءُ جو حوصلي سان مقابلو ڪيو ۽ اهو ثابت ڪيو ته سچ کي سدائين جي لاءِ نه ٿو دٻائي سگهجي. صدر چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 18هين ورسيءَ تي اسان کي نفرت بدران اتحاد جو رستو اختيار ڪرڻو پوندو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو انتقام جي سياست تي يقين نه رکندي هئي، هو اسان کي بار بار ياد ڏياريندي هئي ته اصل بدلو جمهوريت آهي، سندس پيغام اسان کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻي ٿو، جمهوري ادارن کي مضبوط ڪرڻ ۽ ملڪ جي ترقي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي تلقين ڪري ٿو.

مزید خبریں