اسلام آباد -27 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان يمن ۾ تازي اڳڀرائي تي نظر رکي پيو ۽ جمهوريه يمن ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ پاڪستان، سعودي عرب پاران ڪيل سفارتي ڪوششن جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو ۽ ان سلسلي ۾ گڏيل عرب امارات جي ڪوششن جي به تعريف ڪري ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اسان يمن جي وحدت ۽ علائقائي سلامتي جي احترام جي ضرورت …
يمن ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ پاڪستان، سعودي عرب جي سفارتي ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو: پرڏيهي آفيس

مزید خبریں
اسلام آباد -27 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان يمن ۾ تازي اڳڀرائي تي نظر رکي پيو ۽ جمهوريه يمن ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ پاڪستان، سعودي عرب پاران ڪيل سفارتي ڪوششن جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو ۽ ان سلسلي ۾ گڏيل عرب امارات جي ڪوششن جي به تعريف ڪري ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اسان يمن جي وحدت ۽ علائقائي سلامتي جي احترام جي ضرورت تي زور ڀريون ٿا ۽ اميد ڪيون ٿا ته يمن جون ڌريون اهڙي ڪنهن به هڪ طرفي قدم کان پاسو ڪنديون، جيڪي صورتحال ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ جو سبب بڻجندا. ترجمان چيو ته اسان سمورين يمني ڌرين کان اهو به مطالبو ڪيون ٿا ته اهي گڏيل طور تي اتفاق ڪيل نقطن جي بنياد تي جامع ۽ ڳالهين واري سياسي حل طرف تعميري ۽ خلوص نيت سان اڳڀرائي ڪن. ترجمان چيو ته پاڪستان ان اميد جو اظهار ڪري ٿو ته جاري سفارتي ڪوششون ملڪ ۾ پائيدار امن جي قيام ۽ يمني عوام جي ڏکيائين جي خاتمي لاءِ ٺوس قدم کنيا ويندا.










