اسلام آباد -27 ڊسمبر (اي پي پي) خاتون اول، ايم اين اي ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي، ته شهيد بينظير ڀٽو هر ان آواز ۾ زنده آهي، جيڪو ناانصافي آڏو جهڪڻ کان انڪار ڪري ٿو. شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت واري ڏهاڙي تي ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ آصفه ڀٽو زرداري چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جرئتمنداڻي قيادت ڪئي، سندس قوت هر ان آواز …
شهيد بينظير ڀٽو هر ان آواز ۾ زنده آهي: آصفه ڀٽو زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد -27 ڊسمبر (اي پي پي) خاتون اول، ايم اين اي ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي، ته شهيد بينظير ڀٽو هر ان آواز ۾ زنده آهي، جيڪو ناانصافي آڏو جهڪڻ کان انڪار ڪري ٿو. شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت واري ڏهاڙي تي ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ آصفه ڀٽو زرداري چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جرئتمنداڻي قيادت ڪئي، سندس قوت هر ان آواز ۾ زنده آهي، جيڪو ناانصافي آڏو جهڪڻ کان انڪار ڪري ٿو. هن شهيد بينظير ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪندي هن چيو ته اسان پنهنجي جدوجهد جي هر مرحلي تي ۽ هر ڪاميابي جي موقعي تي کيس ياد ڪندا آهيون، اسان شهيد بينظير ڀٽو جي کوٽ هر گهڙي محسوس ڪيون ٿا ۽ سندس لاءِ دعاڳو رهنداسين. آصفه ڀٽو زرداري چيو ته اسان شهيد بينظير ڀٽو جي ويزن ۽ قدرن جي تڪميل لاءِ ڪوششون جاري رکنداسين. هن چيو ته بينظير ڀٽو شهيد جو وڇوڙي سان رهنمائي جو اهو خال پيدا ٿيو آهي، جيڪو ڪڏهن به ڀرجي نٿو سگهجي.










