راولپنڊي-26 ڊسمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي ڪوهلو ۾ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي ڪارروائي ڪندي 5 ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر موجب بلوچستان جي ضلعي ڪوهلو ۾ ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع جي بنياد تي ڪارروائي ڪئي. ڪارروائي دوران پاڪ فوج دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي موثر انداز ۾ نشانو بڻايو ۽ شديد …
سيڪيورٽي فورسز پاران بلوچستان جي ضلعي ڪوهلو ۾ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي ڪارروائي، 5 ڀارتي حمايت يافته دهشتگرد مارجي ويا

مزید خبریں
راولپنڊي-26 ڊسمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعي ڪوهلو ۾ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي ڪارروائي ڪندي 5 ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر موجب بلوچستان جي ضلعي ڪوهلو ۾ ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع جي بنياد تي ڪارروائي ڪئي. ڪارروائي دوران پاڪ فوج دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي موثر انداز ۾ نشانو بڻايو ۽ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ 5 ڀارتي حمايت يافته دهشتگرد مارجي ويا. ڪارروائي ۾ دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار، گولابارود ۽ ڌماڪيدار مواد به هٿ آيو، جيڪي علائقي ۾ ڪيترن ئي دهشتگرداڻين سرگرمين ۾ ملوث هئا. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته علائقي ۾ ڪنهن به ٻي ڀارتي حمايت يافته دهشتگرد کي ختم ڪرڻ لاءِ سينيٽائيزيشن آپريشن جاري آهي. اهي ڪارروايون قومي ايڪشن پلان تحت وفاقي اپيڪس ڪميٽي جي منظوري سان جاري ”عزم استحڪام“ ويزن تحت پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان جاري دهشتگردي خلاف ڀرپور مهم جو حصو آهن، جنهن جو مقصد ملڪ مان پرڏيهي حمايت يافته دهشتگردي جو مڪمل خاتمو آهي.










