برطانيه، ڪينيڊا، جرمني سميت ڪيترن ئي ملڪن پاران اسرائيل جي اولهندي ڪناري ۾ نئين وسندين جي منصوبي جي مذمت

لنڊن-25 ڊسمبر (اي پي پي) برطانيه، ڪينيڊا، جرمني سميت ٻين ڪيترن ئي ملڪن اسرائيلي سيڪيورٽي ڪابينا طرفان والاريل اولهندي ڪناري ۾ 19 نئين يهودي وسندين جي منظوري جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته اهو قدم عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي ۽ خطي ۾ عدم استحڪام کي هوا ڏئي سگهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب برطانيه، بيلجيم، ڊينمارڪ، فرانس، اٽلي، آئيس لينڊ، آئرلينڊ، جاپان، مالٽا، نيڌرلينڊز، ناروي ۽ اسپين طرفان جاري …

لنڊن-25 ڊسمبر (اي پي پي) برطانيه، ڪينيڊا، جرمني سميت ٻين ڪيترن ئي ملڪن اسرائيلي سيڪيورٽي ڪابينا طرفان والاريل اولهندي ڪناري ۾ 19 نئين يهودي وسندين جي منظوري جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته اهو قدم عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي ۽ خطي ۾ عدم استحڪام کي هوا ڏئي سگهي ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب برطانيه، بيلجيم، ڊينمارڪ، فرانس، اٽلي، آئيس لينڊ، آئرلينڊ، جاپان، مالٽا، نيڌرلينڊز، ناروي ۽ اسپين طرفان جاري گڏيل بيان ۾ اسرائيل کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته ان فيصلي ۽ وسندين جي توسيع کي واپس وٺي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اولهندي ڪناري ۾ وسندين جي پاليسين ۾ هڪطرفي شدت نه رڳو عالمي قانون جي ابتڙ آهي پر ان سان خطي ۾ ڇڪتاڻ ۽ عدم استحڪام ۾ اضافو ٿيڻ جو خدشو آهي.

مزید خبریں