نائيجيريا ۾ مسجد اندر آپگهاتي ڌماڪو، 5 نمازي شهيد، 35 زخمي

ابوجا-25 ڊسمبر (اي پي پي) نائيجيريا جي هڪ مسجد ۾ آپگهاتي بم ڌماڪي سبب 5 نمازي شهيد ۽ 35 زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب پوليس تصديق ڪئي ته ڌماڪو رياست بورنو جي شهر ميدوگوري جي هڪ مسجد ۾ ٿيو جنهن سبب 5 نمازي شهيد ۽ 35 زخمي ٿي پيا. زخمين کي علاج لاءِ ميدو گوري يونيورسٽي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب واقعو ان وقت پيش آيو …

ابوجا-25 ڊسمبر (اي پي پي) نائيجيريا جي هڪ مسجد ۾ آپگهاتي بم ڌماڪي سبب 5 نمازي شهيد ۽ 35 زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب پوليس تصديق ڪئي ته ڌماڪو رياست بورنو جي شهر ميدوگوري جي هڪ مسجد ۾ ٿيو جنهن سبب 5 نمازي شهيد ۽ 35 زخمي ٿي پيا. زخمين کي علاج لاءِ ميدو گوري يونيورسٽي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن ماڻهو عشا جي نماز ادا ڪري رهيا هئا ته هڪ آپگهاتي بمبار پاڻ کي ديسي ساخت ڌماڪيدار مادي سان اڏائي ڇڏيو. اڃان تائين ڪنهن تنظيم حملي جي ذميواري قبول ناهي ڪئي، جڏهن ته مقامي ماڻهن جو خيال آهي ته اهو حملو انتهاپسند تنظيم بوڪوحرام جي دهشتگردن ڪيو آهي.

مزید خبریں