يوڪرين جي صدر پاران روس سان جنگ ختم ڪرڻ لاءِ 20 نڪاتي امن منصوبي جو مسودو پيش

ڪيف-24 ڊسمبر (اي پي پي) يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي روس سان جنگ ختم ڪرڻ لاءِ 20 نڪاتي امن منصوبي جو مسودو پيش ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا موجب يوڪرين جي صدر گذريل ڏينهن صحافين کي بريفنگ دوران ان منصوبي جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو ۽ دعويٰ ڪئي ته مسودو وڏي حد تائين يوڪرين ۽ آمريڪا جي گڏيل موقف جي عڪاسي ڪري ٿو جڏهن ته ڪيترائي اهم مسئلا هاڻي به حل …

ڪيف-24 ڊسمبر (اي پي پي) يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي روس سان جنگ ختم ڪرڻ لاءِ 20 نڪاتي امن منصوبي جو مسودو پيش ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا موجب يوڪرين جي صدر گذريل ڏينهن صحافين کي بريفنگ دوران ان منصوبي جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو ۽ دعويٰ ڪئي ته مسودو وڏي حد تائين يوڪرين ۽ آمريڪا جي گڏيل موقف جي عڪاسي ڪري ٿو جڏهن ته ڪيترائي اهم مسئلا هاڻي به حل طلب آهن. سڀني کان وڌيڪ تڪراري شقن ۾ زيپوريزيا نيوڪليئر پاور پلانٽ بابت تجويز شامل آهي، جيڪو هن وقت مڪمل طور تي روس جي فوج جي ڪنٽرول ۾ آهي. يوڪرين جي حڪومت چاهي ٿي ته هي پلانٽ يوڪرين ۽ آمريڪا گڏيل طور تي 50-50 جي بنياد تي هلائين جڏهن ته آمريڪا حڪومت جي تجويز ڪيل ٽه ڌري انتظام ۾ روس به شامل آهي. منصوبي ۾ شامل هڪ آپشن تحت روس جي فوج کي يوڪرين جي خارڪوف، دنيپر ويپيٽروسڪ، سومي ۽ نڪولائيف علائقن مان نڪرڻو پوندو جڏهن ته روس جي ڊونيٽسڪ، لوگانسڪ، زاپوروزئي ۽ کيرسون جي علائقن ۾ موجود فرنٽ لائنز تي جنگ کي ختم ڪرڻي پوندي. ان منصوبي ۾ يوڪرين کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته امن جي وقت 800،000 اهلڪارن جي هٿياربند فورس کي برقرار رکي، باوجود ان جي زيلنسڪي پهرين تسليم ڪيو هو ته يوڪرين جي حڪومت حقيقت ۾ اولهه جي فنانسنگ کانسواءِ ان جي سٽ نٿي سهي سگهي. زيلنسڪي آمريڪا، نيٽو ۽ يورپي رياستن کان آرٽيڪل 5 جهڙي حفاظتي ضمانتن جو به مطالبو ڪيو آهي، جنهن ۾ جنگ ٻيهر شروع ٿيڻ جي صورت ۾ اولهه جي فوجي رد عمل جو واعدو به شامل آهي. ان تجويز تحت يوڪرين غير ايٽمي حيثيت سان اتفاق ڪندو پر ان کي يورپي يونين جي ميمبرشپ ۾ تيزي آڻڻ ۽ 800 بلين ڊالرن تائين وڏي پئماني تي نئين سر تعمير جي فنڊن جي اميد آهي، زيلنسڪي چيو ته معاهدي تي صحيحيون ٿيڻ کانپوءِ جلد کان جلد چونڊون ڪرايون وينديون. روس جي حڪومت ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته امن معاهدي تي صحيحيون ڪرڻ لاءِ يوڪرين جي حڪومت جو جائز هجڻ ضروري آهي، جڏهن ته يوڪرين جي صدر جي منصوبي موجب سمورين ڌرين جي فريم ورڪ تي متفقه هجڻ کانپوءِ ئي مڪمل جنگ بندي عمل ۾ ايندي.

مزید خبریں