ماسڪو- 24 ڊسمبر (اي پي پي) روس جي گادي واري شهر ماسڪو ۾ 23 ۽ 24 ڊسمبر جي وچين رات گرمي پد ڪاٽو 15.7 ڊگري سينٽي گريڊ تائين ڪري پيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق موسمياتي ماهرن، ان رات کي هلندڙ سياري جي موسم جي ٿڌي ترين رات قرار ڏنو آهي. روسي هائيڊرو ميٽرولوجيڪل سينٽر مطابق 22 کان 23 ڊسمبر جي وچين رات جو گهٽ کان گهٽ گرمي پد ڪاٽو 10.7 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو هو. سينٽر مطابق …
ماسڪو ۾ گرمي پد ڪاٽو 15.7 ڊگري سينٽي گريڊ تائين ڪري پيو

مزید خبریں
ماسڪو- 24 ڊسمبر (اي پي پي) روس جي گادي واري شهر ماسڪو ۾ 23 ۽ 24 ڊسمبر جي وچين رات گرمي پد ڪاٽو 15.7 ڊگري سينٽي گريڊ تائين ڪري پيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق موسمياتي ماهرن، ان رات کي هلندڙ سياري جي موسم جي ٿڌي ترين رات قرار ڏنو آهي. روسي هائيڊرو ميٽرولوجيڪل سينٽر مطابق 22 کان 23 ڊسمبر جي وچين رات جو گهٽ کان گهٽ گرمي پد ڪاٽو 10.7 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو هو. سينٽر مطابق ماسڪو ۾ ان کانپوءِ رات جو گرمي پد وڌي ويو. ماسڪو ۾ 24 ڊسمبر تي سڀ کان وڌيڪ ٿڌ 1892ع ۾ رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن گرمي پد ڪاٽو 37.3 ڊگري سينٽي گريڊ تائين ڪري ويو هو.











