گڏيل قومون- 24 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ آمريڪي مشن جي مشير ۽ پرڏيهي وزارت جي اڳوڻي ترجمان ، ٻنهي ملڪن جي سفارتڪارن وچ ۾ ٿيل هڪ پڌرائي جي مٽا سٽا ۾ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته آمريڪا هاڻي به ايران سان باضابطه ڳالهين لاءِ تيار آهي، پرڏيهي ميڊيا مطابق سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا عوامي سطح تي(ميڊيا جي سامهون) ڳالهيون …
ايران سان بامقصد سڌيءَ ريت ڳالهين لاءِ هاڻي به تيار آهيون: آمريڪا

مزید خبریں
گڏيل قومون- 24 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ آمريڪي مشن جي مشير ۽ پرڏيهي وزارت جي اڳوڻي ترجمان ، ٻنهي ملڪن جي سفارتڪارن وچ ۾ ٿيل هڪ پڌرائي جي مٽا سٽا ۾ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته آمريڪا هاڻي به ايران سان باضابطه ڳالهين لاءِ تيار آهي، پرڏيهي ميڊيا مطابق سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا عوامي سطح تي(ميڊيا جي سامهون) ڳالهيون نه ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي صدارتي مدي دوران تهران طرف سفارتڪاري جو هٿ“ وڌايو آهي. ٻئي طرف گڏيل قومن ۾ ايران جي سفير امير سعيد ايرواني، زور ڀريندي چيو ته سندس ملڪ اصولن تي ٻڌل سفارتڪاري ۽ حقيقي ڳالهين لاءِ مڪمل طور تي پرعزم آهي.











