ايران جي ايٽمي پروگرام تي سلامتي ڪائونسل اختلافن جو شڪار، پاڪستان پاران سفارتي رابطن ۽ ڳالهين جي ضرورت تي زور

گڏيل قومون-24 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ايران جي ايٽمي پروگرام بابت مسئلي جي حل لاءِ سفارتي رابطن ۽ ڳالهين جي ضرورت تي زور ڀريندي ڇڪتاڻ کان پاسو ڪرڻ کي اڻٽر قرار ڏئي ڇڏيو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي عثمان جدون 15 رڪني سلامتي ڪائونسل کي خطاب ڪندي چيو ته هاڻوڪن مهينن ۾ ڪائونسل اندر ۽ ان کان ٻاهر اختلافن ۾ اضافو ٿيو آهي، جيڪو مسئلي …

گڏيل قومون-24 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ايران جي ايٽمي پروگرام بابت مسئلي جي حل لاءِ سفارتي رابطن ۽ ڳالهين جي ضرورت تي زور ڀريندي ڇڪتاڻ کان پاسو ڪرڻ کي اڻٽر قرار ڏئي ڇڏيو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي عثمان جدون 15 رڪني سلامتي ڪائونسل کي خطاب ڪندي چيو ته هاڻوڪن مهينن ۾ ڪائونسل اندر ۽ ان کان ٻاهر اختلافن ۾ اضافو ٿيو آهي، جيڪو مسئلي جي حل بدران ان کي وڌيڪ ڏکيو بڻائي رهيا آهن. هن جو چوڻ هو ته هڪطرفي قدمن، طاقت جي استعمال ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي ڀڃڪڙين صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪيو آهي، جڏهن ته سنيپ بيڪ ميڪنزم لاڳو ڪرڻ تي مختلف تشريحون به تڪرار جو سبب بڻجي رهيون آهن. سفير عثمان جدون خبردار ڪيو ته دٻاءُ ۽ ڏاڍ تي ٻڌل قدم ڌرين کي ويجهو آڻڻ بدران اعتماد جي کوٽ ۾ اضافو ڪن ٿا، پابنديون سڌي ريت عام عوام کي متاثر ڪن ٿيون ۽ معاشي ترقي کي نقصان پهچائين ٿيون. هن واضح ڪيو ته پاڪستان جو موقف  آهي ته ايران جو ايٽمي پروگرام بابت سمورن معاملن جو حل عالمي قانون جي دائري ۾ رهندي ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي ڪڍڻ گهرجي. هن چيو ته 2015ع ۾ طئي ٿيل جوائنٽ ڪمپري هينسو پلان آف ايڪشن (جي سي پي او اي) ان مسئلي جي حل لاءِ هڪ اهم فريم ورڪ فراهم ڪري ٿو جيڪڏهن گڏيل مفاهمت ۽ لچڪ جو مظاهرو ڪيو وڃي ته ان جو بنيادي ڍانچي اڄ به ڪارآمد ثابت ٿي سگهي ٿو، تازن اختلافن کي مفاهمت جي فضا ۾ سمورين ڌرين کي هڪ ميز تي آڻي ختم ڪري سگهجي ٿو، پاڪستاني نمائندي زور ڀريو ته عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي جو ڪردار اهميت وارو آهي ۽ ان کي ميمبر ملڪن جي ايٽمي ذميوارين جي نگراني جو پنهنجو مينڊيٽ غير جانبداري سان ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سلامتي ڪائونسل ذريعي تعميري ڪوششون ڪرڻ گهرجن ته جيئن سمورين ڌرين لاءِ قبولڻ جوڳو حل ڪڍي سگهجي. واضح رهي ته هي اجلاس فرانس، جرمني ۽ برطانيه طرفان اسنيپ بيڪ طريقو فعال ڪرڻ کانپوءِ پهريون اجلاس ٿو. اولهه جي ملڪن موقف اختيار ڪيو ته ايٽمي معاهدي بابت قرارداد هاڻي به لاڳو آهي جڏهن ته روس ۽ ايران ان جي قانوني حيثيت تي سوال اٿاريا، ايران جي نمائندي چيو ته قرارداد 2231 آڪٽوبر 2025ع ۾ پنهنجو مدو پورو ڪري چڪي آهي ۽ ان کانپوءِ سلامتي ڪائونسل کي ان معاملي تي اجلاس ڪرڻ جو ڪو به مينڊيٽ حاصل ناهي، اجلاس ۾ مختلف ملڪن جي موقف واضح ڪري ڇڏيو ته ايران جي ايٽمي پروگرام تي سلامتي ڪائونسل جي اندر اختلاف برقرار آهن، جڏهن ته پاڪستان هڪ دفعو ٻيهر ڳالهين، اعتمادسازي ۽ سفارتڪاري کي ئي واحد عمل جوڳو رستو قرار ڏنو آهي.

مزید خبریں