ڀارت جي هيوي لفٽ راڪٽ ايل وي ايم 3 ايم 6، آمريڪي ڪميونيڪشن سيٽلائيٽ بلوبرڊ -6 کي زمين جي چوڌاري مدار ۾ پهچائي ڇڏيو

 سري هري ڪوٽا _24 ڊسمبر (اي پي پي) ڀارت جي هيوي لفٽ راڪٽ ايل وي ايم 3 ايم 6 آمريڪا جي سڀ کان ڳري ڪميونيڪشن سيٽلائيٽ بلوبرڊ – 6 کي زمين جي چوڌاري مدار ۾ پهچائي ڇڏيو. ميڊيا رپورٽن مطابق باهو بلي نالي جو ڀارتي راڪٽ اربع تي صبح جو 8 لڳي 54 منٽن تي شار رينج کان روانو ٿيو. ان اٽڪل 16 منٽن جي اڏام کان پوءِ  آمريڪا جي اي ايس ٽي …

 سري هري ڪوٽا _24 ڊسمبر (اي پي پي) ڀارت جي هيوي لفٽ راڪٽ ايل وي ايم 3 ايم 6 آمريڪا جي سڀ کان ڳري ڪميونيڪشن سيٽلائيٽ بلوبرڊ – 6 کي زمين جي چوڌاري مدار ۾ پهچائي ڇڏيو. ميڊيا رپورٽن مطابق باهو بلي نالي جو ڀارتي راڪٽ اربع تي صبح جو 8 لڳي 54 منٽن تي شار رينج کان روانو ٿيو. ان اٽڪل 16 منٽن جي اڏام کان پوءِ  آمريڪا جي اي ايس ٽي موبائل اسپيس جي جديد مواصلاتي سيٽلائيٽ بلوبرڊ -6 کي 520 ڊگري جي سرڪلر لو ارٿ آربٽ ۾ پهچائي ڇڏيو . اهو ڀارت مان لانچ ڪيل ٻيو آمريڪي ۽ هن وقت تائين جو سڀ کان وزني سيٽلائيٽ آهي . ان آمريڪي سيٽلائيٽ جي لانچ سان آمريڪي سيٽلائيٽس جي سلسلي ۾ فورجي ۽ فائيو جي، سروس جي فراهمي ۾ وڏي پيماني تي بهتري ايندي . ڀارت طرفان آمريڪي مواصلاتي سيٽلائيٽ جي لانچ ڀارتي اداري نيو اسپيس انڊيا لميٽيڊ ۽ آمريڪي اداري اي ايس ٽي اسپيس موبائل وچ ۾ معاهدي جي نتيجي ۾ عمل ۾ آئي آهي.

مزید خبریں