تل ابيب - 24 ڊسمبر (اي پي پي) اسرائيل جي دفاع واري وزير چيو آھي ته اسرائيل غزه پٽي جي سمورن حصن تان ڪڏھن به ھٿ نه کڻندو ۽ شام ۾ پنھنجي موجوده پوزيشنن کان به پوئتي نه ھٽندو. پرڏيھي ميڊيا مطابق گذريل ڏينھن ھن اولھ ڪناري ۾ 1200 رھائشي يونٽس جي تعمير جي تقريب دوران ڳالھيون ڪندي چيو ته اسان غزه پٽي جي سمورن علائقن مان ڪڏھن به پويان …
اسرائيل غزه پٽي جي سمورن حصن تان ڪڏھن به ھٿ نه کڻندو: اسرائيل جو دفاع وارو وزير

مزید خبریں
تل ابيب – 24 ڊسمبر (اي پي پي) اسرائيل جي دفاع واري وزير چيو آھي ته اسرائيل غزه پٽي جي سمورن حصن تان ڪڏھن به ھٿ نه کڻندو ۽ شام ۾ پنھنجي موجوده پوزيشنن کان به پوئتي نه ھٽندو. پرڏيھي ميڊيا مطابق گذريل ڏينھن ھن اولھ ڪناري ۾ 1200 رھائشي يونٽس جي تعمير جي تقريب دوران ڳالھيون ڪندي چيو ته اسان غزه پٽي جي سمورن علائقن مان ڪڏھن به پويان نه ھٽنداسين. ھن وڌيڪ چيو ته اسان مناسب وقت ۽ حالتن ۾ اتر غزه پٽي ۾ وسندين لاءِ چوڪيون قائم ڪنداسين. ھن چيو ته اسان ھن وقت عملي طور تي خود مختياري جي مرحلي ۾ آھيون ۽ اھو ان طاقت جو نتيجو آھي جيڪو اسرائيل 7 آڪٽوبر کانپوءِ ڏيکاريو آھي. شام بابت ڳالھائيندي اسرائيل جي دفاع واري وزير چيو ته اسان شام کان پويان نه ھٽنداسين. ھن وڌيڪ چيو ته اسان شام اندر الشيخ پھاڙ جي چوٽي ۽ بفر زون ۾ موجود آھيون. گذريل سال 8 ڊسمبر تي شام جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ اسرائيل 1974ع جي جنگبندي جي معاھدي کان ھٿ کڻي ڇڏيو ھو. ان جي فوج گذريل مھينن دوران غير فوجي علائقن ۾ داخل ٿي چڪي آھي. ان کان علاوه اسرائيل ڏکڻ شام ۾ بفر زون کان اڳيان فوجي جٿا ۽ سامان به مقرر ڪيا آھن، جنھن ۾ الشيخ پھاڙ جو اسٽريٽيجڪ حصو به شامل آھي. ٻئي پاسي اسرائيل جي وزيراعظم بينجمن نيتن اعلان ڪيو آھي ته ھو دمشق کان الشيخ پھاڙ تائين ھڪ غير فوجي علائقو بڻائڻ چاھي ٿو، جنھن کي شام طرفان رد ڪيو ويو آھي.











