ماسڪو _24 ڊسمبر (اي پي پي )روس ۽ آمريڪا وچ ۾ گڏيل سفارتي لاڳاپن جي بحالي تي ڳالهين جا ڪيترائي دور منعقد ٿي چڪا آهن . ان ڳالهه جو انڪشاف پرڏيهي ميڊيا هڪ رپورٽ ۾ ڪيو آهي. رپورٽ موجب پرڏيهي وزارت چيو آهي ته روس ۽ آمريڪا وچ ۾ سفارتي مشنز جي ڪم کي معمول تي آڻڻ لاءِ ماهرن وچ ۾ ملاقاتون ٿيون آهن ۽ ڌريون سفارتي مشن جي ڪجهه اهلڪارن کي …
روس ۽ آمريڪا وچ ۾ گڏيل سفارتي لاڳاپن جي بحالي تي ڳالهيون جاري

مزید خبریں
ماسڪو _24 ڊسمبر (اي پي پي )روس ۽ آمريڪا وچ ۾ گڏيل سفارتي لاڳاپن جي بحالي تي ڳالهين جا ڪيترائي دور منعقد ٿي چڪا آهن . ان ڳالهه جو انڪشاف پرڏيهي ميڊيا هڪ رپورٽ ۾ ڪيو آهي. رپورٽ موجب پرڏيهي وزارت چيو آهي ته روس ۽ آمريڪا وچ ۾ سفارتي مشنز جي ڪم کي معمول تي آڻڻ لاءِ ماهرن وچ ۾ ملاقاتون ٿيون آهن ۽ ڌريون سفارتي مشن جي ڪجهه اهلڪارن کي ويز ا جاري ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيون آهن . روس ۽ آمريڪا جي سفارتي مشنز لاءِ آپريٽنگ حالت کي معمول تي آڻڻ کي هڪ اهم معاملو سمجهو پيو وڃي . ان سلسلي ۾ ماهرن وچ ۾ رابطن جا ڪيترائي دور منعقد ٿي چڪا آهن . روس جي پرڏيهي کاتي موجب اسان ميزبان ملڪ ۾ سفارتڪارن جي اچ وڃ لاءِ پابندين جي نظام کي آسان بڻائڻ ۾ به اڳڀرائي ڪري رهيا آهيون جڏهن ته ڳالهين جو عمل سستي سان اڳتي وڌي رهيو آهي.











