ڪينبرا-24 ڊسمبر(اي پي پي)آسٽريليا جي سڀ کان وڌيڪ آبادي واري رياست پنهنجي شهرين لاءِ بندوق رکڻ ۽ استعمال ڪرڻ جي قانون کي سخت ڪرڻ لاءِ هڪ نئين قانون جي منظوري لاءِ تياري شروع ڪري ڇڏي آهي . پرڏيهي ميڊيا موجب ان نئين قانون ۾ دهشتگردي بابت شين جي علامتي اظهار تي به پابندي هوندي ۽ احتجاج کي روڪڻ لاءِ به قانون شامل ڪيا ويندا، قانون کي سخت ڪرڻ جو اهو قدم پوئين هفتي ۾ يهودين …
آسٽريليا پاران دهشتگردي روڪڻ لاءِ بندوق رکڻ ۽ استعمال بابت سخت قانون جي منظوري جي تياري

مزید خبریں
ڪينبرا-24 ڊسمبر(اي پي پي)آسٽريليا جي سڀ کان وڌيڪ آبادي واري رياست پنهنجي شهرين لاءِ بندوق رکڻ ۽ استعمال ڪرڻ جي قانون کي سخت ڪرڻ لاءِ هڪ نئين قانون جي منظوري لاءِ تياري شروع ڪري ڇڏي آهي . پرڏيهي ميڊيا موجب ان نئين قانون ۾ دهشتگردي بابت شين جي علامتي اظهار تي به پابندي هوندي ۽ احتجاج کي روڪڻ لاءِ به قانون شامل ڪيا ويندا، قانون کي سخت ڪرڻ جو اهو قدم پوئين هفتي ۾ يهودين جي قديمي جنگ جي خوشي ۾ ملاهجندڙ هنوڪا ڏڻ جي موقعي تي سامونڊي ڪناري تي هٿيار بندن جي حملي سبب 15 ڄڻن جي فوتگين جي افسوسناڪ واقعي کان پوءِ کنيو ويو آهي. ان سلسلي م سائوٿ ويلز جي پارليامينٽ ۾ ڄاڻايل قانون جو بل گذريل ڏينهن پيش ڪيو ويو. جنهن کان پوءِ ان جي منظوري جو امڪان آهي. سائوٿ ويلز ۾ سينٽر ليفٽ ليبر پارٽي جي حڪومت آهي جنهن اتان جي عام ماڻهن جي هٿن ۾ بندوق ۽ ان جي استعمال جي قانون کي سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.











