اسلام آباد - 23 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پي آءِ اي جي 75 سيڪڙو شيئرز جي نجڪاري جي حوالي سان ڪامياب بڊنگ جي انعقاد تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته واڪ جو عمل انتهائي شفاف رهيو، معيشت کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ پي آءِ اي ۽ ٻين رياستي ملڪيتي ادارن جي نجڪاري اهم ڪردار ادا ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان …
وزيراعظم شهباز شريف پاران پي آءِ اي جي 75 سيڪڙو شيئرز جي نجڪاري جي حوالي سان ڪامياب بڊنگ تي قوم کي مبارڪون

مزید خبریں
اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پي آءِ اي جي 75 سيڪڙو شيئرز جي نجڪاري جي حوالي سان ڪامياب بڊنگ جي انعقاد تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته واڪ جو عمل انتهائي شفاف رهيو، معيشت کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ پي آءِ اي ۽ ٻين رياستي ملڪيتي ادارن جي نجڪاري اهم ڪردار ادا ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته اقتدار سنڀالڻ تي قوم سان واعدو ڪيو هو ته رياستي ملڪيتي ادارن جي نجڪاري جي لاءِ قدم کنيا ويندا، پي آءِ اي جي نجڪاري جو اهو عمل ان حوالي سان انتهائي اهم سنگ ميل آهي. هن چيو ته الحمدالله ٻولي جو عمل انتهائي شفاف رهيو، معيشت کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ پي آءِ اي ۽ ٻين رياستي ملڪيتي ادارن جي نجڪاري اهم ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته ملڪي معيشت تي سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو آهي، پي آءِ اي جي نجڪاري ان جو ثبوت آهي. وزيراعظم الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪندي چيو ته سمورن رياستي ادارن جي تعاون سان ملڪي معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، نجڪاري واري صلاحڪار محمد علي، نجڪاري ڪميشن ۽ ٻين لاڳاپيل ماڻهن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته حڪومت نجي شعبي جي حصيداري سان ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ پرعزم آهي.











