وفاقي وزير رانا تنوير حسين سان برازيل جي سفير جي ملاقات

اسلام آباد- 23 ڊسمبر (اي پي پي) نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته برازيل عالمي سطح تي لائيو اسٽاڪ جي پيداوار، گوشت جي پروسيسنگ، ڊيري ڊولپمينٽ ۽ زرعي خوراڪ جي روانگي واپار ۾ هڪ عالمي اڳواڻ طور ڄاتو وڃي ٿو، برازيل وٽ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ چوپايو مال آهي، جنهن جو انگ 230 ملين کان وڌيڪ آهي. ڳئون جي گوشت ۽ …

اسلام آباد- 23 ڊسمبر (اي پي پي) نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته برازيل عالمي سطح تي لائيو اسٽاڪ جي پيداوار، گوشت جي پروسيسنگ، ڊيري ڊولپمينٽ ۽ زرعي خوراڪ جي روانگي واپار ۾ هڪ عالمي اڳواڻ طور ڄاتو وڃي ٿو، برازيل وٽ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ چوپايو مال آهي، جنهن جو انگ 230 ملين کان وڌيڪ آهي. ڳئون جي گوشت ۽ پولٽري جو سڀ کان وڏو روانگي واپار ڪندڙ آهي. 2024ع ۾ برازيل جي ڳئون جي گوشت جو روانگي واپار 2.9 ملين ميٽرڪ ٽن تائين پهچي ويو، جنهن جي ماليت 12 ارب آمريڪي ڊالر کان وڌيڪ آهي. اهڙو اظهار هن ڪالهه پاڪستان ۾ برازيل جي سفير اولينٿو ويرا سان ملاقات ۾ ڪيو. ملاقات ۾ لائيو اسٽاڪ، ڊيري، ميٽ پروسيسنگ ۽ ايگري روڊ جي شعبن ۾ ٻه طرفو سهڪار مضبوط بنائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات دوران وزيراعظم جو خاص صلاحڪار طارق فاطمي به موجود هو. رانا تنوير حسين چيو ته پاڪستان ۾ 55 ملين کان وڌيڪ چوپايو مال ۽ 47 ملين مينهون موجود آهن جڏهن ته وڌيڪ پيداواري لاڳت، محدود فيڊ لاٽ، فنشنگ سسٽم، ذبح خاني جي ڊزائين، گوشت جي جاچ، ايس پي ايس، ٽريس ڪمپلائنس ۾ فرق سبب روانگي واپار محدود آهي. هن چيو ته مسلم ملڪ هئڻ باوجود عالمي حلال گوشت جي مارڪيٽ ۾ پاڪستان جو حصو گهٽ کان گهٽ آهي جڏهن ته برازيل ادارا جاتي ڪارڪردگي، ڪوائلٽي انشورنس ۽ ويليو ايڊيشن جي اهميت کي ظاهر ڪندي مسلم ملڪن ڏانهن هڪ وسيع رينج کي حلال گوشت جو روانگي واپار ڪري ٿو. وفاقي وزير چيو ته برازيل دنيا جو وڏو کير پيدا ڪندڙ ملڪ آهي جنهن جي سالياني پيداوار 35 ارب ليٽر کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته اسان پنهنجي ڊيري سيڪٽر کي بهتر جينيات، فيڊنگ سسٽم، کير جي ڪوائلٽي ۽ پروسيسنگ انفراسٽرڪچر ذريعي جديد بڻائڻ چاهيون ٿا. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان برازيل کان سويابين، ڪپهه ۽ کنڊ آمدني واپار ڪري ٿو. رانا تنوير حسين چيو ته 1952ع ۾ برازيل پاڪستاني چوپائي مال جي بهترين صحت ۽ گوشت جي معيار سبب پاڪستان مان چوپايو مال آمدني واپار ڪندو هو جيڪو ويجهڙ سالن ۾ پاڪستاني ڪاروباري ادارن برازيل سان ايليٽ چوپائي مال جون نسلون درآمد ڪيون آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته هڪ منظم حڪومت کان حڪومت جو فريم ورڪ فني معيار جي رڪاوٽن کي دُور ڪرڻ، پيداواري صلاحيت کي بهتر بنائڻ ۽ پاڪستان جي لائيو اسٽاڪ ۽ ڊيري جي شعبن ۾ چٽاڀيٽي کي بحال ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو.

مزید خبریں