اسلام آباد- 23 ڊسمبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) اسپيڪٽرم آڪشن ڪميٽيءَ جي سفارشن کي منظور ڪري ورتو آهي، ڊجيٽل پاڪستان پروگرام کي اڳتي وڌايو پيو وڃي، انٽرنيٽ جي اسپيڊ ۽ پهچ وڌائينداسين، ٽيليڪام سيڪٽر سميت ٻين لاڳاپيل ڌُرين سان صلاح مشورا يقيني بڻايا ويندا، ڪوشش آهي ته فيبروري 2026ع جي پهرئين …
انٽرنيٽ جي اسپيڊ ۽ پهچ وڌائينداسين، ملڪ ۾ جلد فائيو جي ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي ويندي: آءِ ٽي واري وفاقي وزير

مزید خبریں
اسلام آباد- 23 ڊسمبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) اسپيڪٽرم آڪشن ڪميٽيءَ جي سفارشن کي منظور ڪري ورتو آهي، ڊجيٽل پاڪستان پروگرام کي اڳتي وڌايو پيو وڃي، انٽرنيٽ جي اسپيڊ ۽ پهچ وڌائينداسين، ٽيليڪام سيڪٽر سميت ٻين لاڳاپيل ڌُرين سان صلاح مشورا يقيني بڻايا ويندا، ڪوشش آهي ته فيبروري 2026ع جي پهرئين هفتي تائين 600 ميگا هرٽز اسپيڪٽرم جو آڪشن مڪمل ڪري وٺون، پاڪستان ۾ جلد فائيو جي ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان اي سي سي اجلاس کان پوءِ ميڊيا بريفنگ ڏيندي ڪيو. وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو ته هاڻي ان معاملي کي وفاقي ڪابينا ۾ اٿاريو ويندو. اسان جي ڪوشش آهي ته جنوريءَ جي آخر يا فيبروريءَ جي پهرئين هفتي ۾ اسپيڪٽرم آڪشن کي مڪمل ڪري وٺون، پاڪستان ۾ انٽرنيٽ سروسز عالمي معيار موجب ناهي، ان جو بنيادي ڪارڻ اسپيڪٽرم جي موجودگي نه هئڻ آهي، هن وقت پاڪستان جي 24 ڪروڙ آبادي 274 ميگا هرٽز جي اسپيڪٽرم تي آپريٽ ڪري رهي آهي، ان کي بهتر بنائڻ لاءِ اسپيڪٽرم آڪشن ڪيو پيو وڃي، اسان جي ڪوشش آهي ته 600 ميگا هرٽز اسپيڪٽرم آڪشن ڪيون، هي ماضي جي سڀ کان وڏي اسپيڪٽرم آڪشن آهي، ان سان ٿري جي ۽ فور جي سروسز بهتر ٿي ويندي ۽ فائيو جي سروس به متعارف ٿيندي. هن چيو ته پي ٽي اي يقيني بڻائيندي ته ايندڙ 4 کان 6 مهينن ۾ فائيو جي، جي سموري عمل کي مڪمل ڪيو وڃي، ايندڙ 4 کان 6 مهينن ۾ سروسز جي معيار ۾ بهتري نظر ايندي. فائيو جي جلد پاڪستان ۾ متعارف ٿي ويندي. هن چيو ته سموري ڊجيٽلائزيشن جو بنياد انٽرنيت آهي، ايندڙ پنجن سالن تائين 100 ايم بي پي ايس ڪنيڪٽوٽي ٿي ويندي. هن چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ 5 سيڪڙو فائبر آائزيشن آهي، ان کي وڌايو ويندو ته جيئن انٽرنيٽ جي اسپيڊ بهتر ٿي سگهي.











