پاڪستان ريلويز تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ کرب رپيا ساليانو آمدنيءَ جو هدف پار ڪرڻ جي ويجهو پهچي وئي: وفاقي وزير محمد حنيف عباسي

اسلام آباد- 23 ڊسمبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سال 2025ع کي پاڪستان ريلويز لاءِ هڪ سنگِ ميل قرار ڏيندي چيو آهي ته کاتي پنهنجي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ کرب رپيا ساليانو آمدنيءَ جو هدف پار ڪرڻ جي ويجهو پهچي وئي آهي، هاڻ تائين 93 ارب رپين کان وڌيڪ روينيو حاصل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مالي سال 26-2025ع جي پهرين ڇه ماهيءَ ۾ …

اسلام آباد- 23 ڊسمبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سال 2025ع کي پاڪستان ريلويز لاءِ هڪ سنگِ ميل قرار ڏيندي چيو آهي ته کاتي پنهنجي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ کرب رپيا ساليانو آمدنيءَ جو هدف پار ڪرڻ جي ويجهو پهچي وئي آهي، هاڻ تائين 93 ارب رپين کان وڌيڪ روينيو حاصل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مالي سال 26-2025ع جي پهرين ڇه ماهيءَ ۾ وڌيڪ 50 ارب رپين جي آمدني جي اميد آهي. اجلاس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته ريلوي جي ڪارڪردگيءَ ۾ بهتري آڻڻ لاءِ سيفٽي ڊپارٽمينٽ کي باقائده ڊائريڪٽوريٽ ۾ تبديل ڪيو ويو آهي جنهن سبب حادثن جي شرح 0.09 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 0.04 سيڪڙو رهجي وئي آهي ۽ ڪنهن قسم جو ڪو وڏو حادثو پيش ناهي آيو. جديد ٽيڪنالاجي طرف قدم وڌائيندي راولپنڊيءَ کي ملڪ جي پهرين سمارٽ اسٽيشن بڻايو ويو آهي جتي جديد ترين ڪئيمرائون ۽ سيڪيورٽي سسٽم لڳل آهي، جڏهن ته 2026ع تائين وڏين اسٽيشنن کي به سمارٽ بنائڻ ۽ ريل گاڏين اندر ڪئميرائون لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. کاتي جي اپ گريڊيشن جي حوالي سان وفاقي وزير ته 8 مهينن جي عرصي ۾ شاليمار، پاڪ بزنس ۽ لاثاني سميت 8 ريل گاڏين جي ريڪس کي اپ گريڊ ڪيو ويو آهي ۽ ڊسمبر 2026ع تائين سڄي ملڪ جي سمورين ريل گاڏين کي جديد طرز تي آندو پيو وڃي. انتظامي معاملن ۾ شفافيت آڻڻ لاءِ وزارت جو سمورو ڪم اِي فائلنگ تي منتقل ڪيو ويو آهي ۽ اسٽيشنن تي اي ٽي ايم، ڊي وي ايم ۽ پي او ايس مشينون لڳايون ويون آهن. ايراضيءَ جي سيڪيورٽيءَ جي سلسلي ۾ 2025ع دوران 394 ايڪڙ ايراضي قبضي ڪندڙن کان ڇڏائي وئي جڏهن ته ڊسمبر 2026ع تائين ريلوي جي سموري ايراضي قبضي ڪندڙن کان آجي ڪرائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. ان کان علاوه سروسز کي بهتر بنائڻ لاءِ صفائيءَ جي نظام ۽ اسڪولن کي آئوٽ سروس ڪيو ويو آهي جنهن اسان اسٽيشنن تي 24 ڪلاڪ صفائيءَ جي صورتحال برقرار آهي. ڪراچيءَ کان روهڙي تائين نئين ٽريڪ جي تعمير جو منصوبو به حتمي مرحلي ۾ آهي جنهن جي گرائونڊ بريڪنگ هلندڙ سال جولاءِ ۾ ڪئي ويندي.

مزید خبریں