مئي جنگ کانپوءِ آمريڪا جو انڊيا فرسٽ دؤر ختم، پاڪستان کي فوقيت حاصل ٿي: واشنگٽن ٽائمز

اسلام آباد- 22 ڊسمبر (اي پي پي) ناليواري اخبار واشنگٽن ٽائمز 2025ع کي پاڪ آمريڪا ناتن ۾ انقلابي تبديلي ۽ فيصلائتو سال قرار ڏيندي چيو آهي ته واشنگٽن جي ڏکڻ ايشيا پاليسي ۾ غير معمولي تبديلي واقع ٿي چڪي آهي. عملي طور تي انڊيا فرسٽ جو دؤر ختم ۽ پاڪستان کي واضح فوقيت حاصل ٿي وئي آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب واشنگٽن ٽائمز پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته آمريڪي …

اسلام آباد- 22 ڊسمبر (اي پي پي) ناليواري اخبار واشنگٽن ٽائمز 2025ع کي پاڪ آمريڪا ناتن ۾ انقلابي تبديلي ۽ فيصلائتو سال قرار ڏيندي چيو آهي ته واشنگٽن جي ڏکڻ ايشيا پاليسي ۾ غير معمولي تبديلي واقع ٿي چڪي آهي. عملي طور تي انڊيا فرسٽ جو دؤر ختم ۽ پاڪستان کي واضح فوقيت حاصل ٿي وئي آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب واشنگٽن ٽائمز پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وائيٽ هائوس جي انڊيا فرسٽ پاليسي ختم ڪري پاڪستان کي پنهنجي پهرين ترجيح بڻائي ورتو آهي. ان وڏي تبديلي جو بنيادي ڪارڻ مئي ۾ ٿيل پاڪ- ڀارت جنگبندي جنهن ۾ پاڪستان کي عظيم الشان فتح نصيب ٿي. ان واقعي آمريڪي پاليسي جو رُخ تبديل ڪيو ۽ خطي لاءِ اسٽريٽجڪ نقشو ٻيهر ترتيب ڏنو ويو. اخبار موجب آرٽيڪل ۾ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو تفصيلي تجزيو به شامل آهي. پاڪستان هاڻ آمريڪا جو ڀائيوار ملڪ بڻجي چڪو آهي. صدر ٽرمپ جي نئين ڏکڻ ايشيا پاليسي ۾ پاڪستان کي مرڪزي ٿنڀ جي حيثيت حاصل ٿي وئي آهي. پاڪ- آمريڪا ناتن ۾ پهرين واضح تبديلي ڳجهي ڪائونٽر ٽيرر ازم ايڪس چينجز مان آئي، جنهن کان پوءِ مارچ ۾ ٽرمپ قومي خطاب ۾ پاڪستان جي غير متوقع تعريف ڪئي. اخبار موجب پاڪ- آمريڪا ناتن ۾ فيصلائتو موڙ پاڪ- ڀارت جنگ بڻي. پاڪستان جي فوجي ڪارڪردگي، نظم و ضبط ۽ اسٽريٽجڪ فوڪس آمريڪي صدر ٽرمپ کي حيران ڪري ڇڏيو، جنهن کي آمريڪي اميدن کان وڌيڪ قرار ڏنو ويو. ان لمحي کانپوءِ پاڪستان کي ٻيهر هڪ سنجيده ريجنل ايڪٽر طور تي ڏٺو وڃڻ لڳو. اخبار موجب مئي جي جنگ کان پوءِ ٽرمپ لاءِ ڏکڻ ايشيا جو اسٽريٽجڪ نقشو ري ڊرا ٿيو. پاڪستان کي ڏکڻ ايشيا جي آمريڪي ويزن کي اينڪر ڪندڙ هڪ ايمرجنگ اثاثو قرار ڏنو ويو جڏهن ته پاڪستان جي ملٽري ماڊرنائزيشن کي نئين عالمي اهميت حاصل ٿي. ڪمانڊ اسٽرڪچر ۾ اوور هال ڪيو ويو ۽ چيف آف ڊيفينس فورسز جو عهدو فعال بڻايو ويو، جنهن تي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو نالو نمايان طور تي ورتو ويو. آرمي چيف طور به سندس ڪردار ۽ قيادت کي ساراهيو ويو. اخبار موجب جنگبنديءَ تي ڀارت جو مٿي جو سور وارو عمل ٽرمپ کي اڻوڻندڙ گذريو، جڏهن ته پاڪستان ٽياڪڙي کي قدر ۽ شڪرگذاري سان قبول ڪيو. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، صدر ٽرمپ جي اِنر سرڪل جو اسٽار بڻجي اُڀريو آهي. واشنگٽن ٽائمز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي Disciplined Dark Horse ۽ Deliberate Mystery جهڙا لقب ڏنا، جڏهن ته وائيٽ هائوس ۾ لنچ ميٽنگ کي ڪنهن پاڪستاني عسڪري سربراهه لاءِ پهريون مثال قرار ڏنو ويو. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو سينيٽ ڪام هيڊ ڪوارٽرز ۾ ريڊ ڪارپٽ استقبال ٿيو ۽ آمريڪي عسڪري قيادت سان اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڳالهيون ڪيون ويون. واشنگٽن ٽائمز جو چوڻ آهي ته آمريڪي پاليسي ۽ ڏکڻ ايشيا جي توازن کي ري رائٽ ڪرڻ ۾ پاڪستان ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير مُک ڪردار ادا ڪيو آهي.

مزید خبریں