هنگري جو روسي اثاثن جي معاملي تي يورپي يونين سان سهڪار ختم ڪرڻ جو اعلان

بوداپيسٽ _17 ڊسمبر (اي پي پي ) هنگري جي وزيراعظم وڪٽراورباب اعلان ڪيو آهي ته هنگري روسي اثاثن جي معاملي تي يورپي يونين سان وفاداري واري سهڪار جي اصولن تي وڌيڪ عمل نه ڪندو، ڇو ته يورپي يونين پاڻ ان اصولن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق صحافين سان ڳالهائيندي وڪٽراوربان چيو ته هنگري منجمند روسي اثاثن جي حوالي سان يورپي يونين سان وفادراڻي پالسيسي اختيار ڪئي ، …

بوداپيسٽ _17 ڊسمبر (اي پي پي ) هنگري جي وزيراعظم وڪٽراورباب اعلان ڪيو آهي ته هنگري روسي اثاثن جي معاملي تي يورپي يونين سان وفاداري واري سهڪار جي اصولن تي وڌيڪ عمل نه ڪندو، ڇو ته يورپي يونين پاڻ ان اصولن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق صحافين سان ڳالهائيندي وڪٽراوربان چيو ته هنگري منجمند روسي اثاثن جي حوالي سان يورپي يونين سان وفادراڻي پالسيسي اختيار ڪئي ، پر ان جي جواب ۾ يورپي يونين هنگري کي ان جي حق کان محروم ڪري ڇڏيو . هن جو چوڻ هو ته هاڻي هنگري ان اصولن جو پابند نه رهيو آهي ڇڪاڻ ته ٻئي پاسي ان کي واضع طورتي رد ڪيو ويو آهي . وزيراعظم اهو بيان بيلجيئم جي گادي واري شهر برسلز ويندي جهاز ۾ ڏنو ، جنهن جي ويڊيو هن سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي به شيئر ڪئي آهي. وڪٽراوربان مطابق يورپي يونين جي اڳواڻن يورپي يونين قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ڇاڪاڻ ته اهي  مالي اثاثن بابت  فيصلو اتفاق راءِ بدران ڪواليفائي ميجورٽي ووٽ ذريعي ڪرڻ چاهن ٿا . هن جو چوڻ هو ته اهو طريقڪار پابندين بابت ڳالهين ۾ وفادراڻي سهڪار جي اصولن خلاف آهي ۽ هڪ خطرناڪ مثال قائم ڪندو  جنهن جا ڏورس نتيجا نڪرندا.

مزید خبریں