عرب ملڪن جي تائيوان جي معاملي تي چين جي جائز موقف جي حمايت عالمي لاڳاپن جي بنيادي اصولن جي پاسداري آهي: چيني پرڏيهي وزير

بيجنگ-17 ڊسمبر (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزير وانگ اي چيو آهي ته عرب ملڪن جي تائيوان جي معاملي تي چين جي جائز موقف جي حمايت عالمي لاڳاپن جي بنيادي اصولن جي پاسداري آهي، جاپان ماضي ۾ به بقاءَ جي بحران جي بهاني پنهنجي جارحيت جي شروعات ڪئي، ان کي تاريخ مان سبق سکڻ گهرجي. پرڏيهي ميڊيا سي پي سي جي مرڪزي ڪميٽي جي سياسي بيورو جي ميمبر ۽ …

بيجنگ-17 ڊسمبر (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزير وانگ اي چيو آهي ته عرب ملڪن جي تائيوان جي معاملي تي چين جي جائز موقف جي حمايت عالمي لاڳاپن جي بنيادي اصولن جي پاسداري آهي، جاپان ماضي ۾ به بقاءَ جي بحران جي بهاني پنهنجي جارحيت جي شروعات ڪئي، ان کي تاريخ مان سبق سکڻ گهرجي. پرڏيهي ميڊيا سي پي سي جي مرڪزي ڪميٽي جي سياسي بيورو جي ميمبر ۽ پرڏيهي وزير وانگ اي 12 کان 16 ڊسمبر تائين گڏيل عرب امارتن، سعودي عرب ۽ اردن جو دورو ڪيو، هن ان دوري کانپوءِ چيني ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي چيو ته دوري دوران ٽنهي ملڪن کي تائيوان جي معاملي تي تاريخي حقيقتون ۽ قانوني طريقي کان آگاهه ڪيو ويو ۽ تائيوان جي معاملي تي موجوده جاپاني اڳواڻ طرفان چين جي اندروني معاملن ۾ مداخلت جي باري ۾ چين جي سخت مخالفت جو اظهار پڻ ڪيو ويو. وانگ اي چيو ته ٽنهي ملڪن هڪ چين جي اصول تي قائم رهڻ جو ورجاءُ ڪيو، چين جي قومي اقتدار اعليٰ ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ لاءِ پرعزم حمايت ظاهر ڪئي ۽ چين جي قومي وحدت کي حاصل ڪرڻ لاءِ حمايت فراهم ڪئي. وانگ اي چيو ته تائيوان جي معاملي تي چين جي جائز موقف لاءِ عرب ملڪن جي حمايت عالمي لاڳاپن جي بنيادي اصولن جي پاسداري آهي ۽ اهو ثابت ڪري ٿي ته هڪ چين جو اصول ماڻهن جي دلين ۾ آهي.

مزید خبریں