آمريڪا برطانيه سان ٽيڪنالاجي تعاون معاهدي تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو

واشنگٽن-17 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪا سيپٽمبر ۾ برطانيه سان طئي ٿيل ٽيڪنالاجي تعاون جي معاهدي تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب وائيٽ هائوس آفيس آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پاليسي جي سربراهه مائيڪل ڪريٽسوس ايڪس تي جاري بيان ۾ چيو ته يو ايس – يوڪي ٽيڪنالاجي تي اسپيرٽي ڊيل جي سيڪشن ٿري تحت آمريڪا کي اميد آهي ته برطانيه اقتصادي خوشحالي معاهدي (Economic Prosperity Deal) جي حوالي سان …

واشنگٽن-17 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪا سيپٽمبر ۾ برطانيه سان طئي ٿيل ٽيڪنالاجي تعاون جي معاهدي تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب وائيٽ هائوس آفيس آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پاليسي جي سربراهه مائيڪل ڪريٽسوس ايڪس تي جاري بيان ۾ چيو ته يو ايس – يوڪي ٽيڪنالاجي تي اسپيرٽي ڊيل جي سيڪشن ٿري تحت آمريڪا کي اميد آهي ته برطانيه اقتصادي خوشحالي معاهدي (Economic Prosperity Deal) جي حوالي سان پنهنجي ذميوارين تي سٺي اڳڀرائي کانپوءِ تعاون ٻيهر شروع ڪيو ويندو. هن چيو ته آمريڪا معاهدي تحت منصوعي ذهانت، ڪوانٽم، سول نيوڪليئر ۽ ٻين اهم ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعميري تعاون جي تسلسل جو خواهشمند آهي. برطانوي عملدارن به تصديق ڪئي آهي ته آمريڪا ٽيڪنالاجي تعاون جي معاهدي تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو آهي، ان جي باوجود برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر جي ترجمان چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف معاملن تي ڳالهيون جاري آهن. ياد رهي ته اهو ٽيڪنالاجي معاهدو سيپٽمبر ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي برطانيه جي سرڪاري دوري دوران طئي ٿيو هو، جنهن جو مقصد نئين دوائن جي تحقيق، ڪين جي بهتر علاج ۽ سول نيوڪليئر منصوبن ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ آهي. واضح رهي ته مئي ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي خوشحالي معاهدي تي صحيحون ٿيون هيون، جيڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان اپريل جي شروعات ۾ وڏي پئماني تي ٽيرف جي اعلان کانپوءِ طئي ٿيل پهريون واپاري معاهدو هو.

مزید خبریں