جاپان جي نيويگيشن سيٽلائٽ کي کڻي ويندڙ ايڇ ٿري راڪٽ جي روانگي هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي

ٽوڪيو _ 17 ڊسمبر (اي پي پي ) جاپان ايڇ ٿري راڪٽ جي روانگي کي هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ڪري ڇڏيو آهي . ان راڪٽ کي جاپان جي جي نيويگيشن سيٽلائٽ ميچي بيڪي نمبر 5 کي زمين جي چوڌاري مدار ۾ پهچائڻو هو. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق نيويگيشن سيٽلائٽ کي اربع  تي مقامي وقت مطابق صبح جو 11:11 منٽن تي لانچ ڪرڻو هو. پر لانچنگ سائٽ تي سسٽم ۾ …

ٽوڪيو _ 17 ڊسمبر (اي پي پي ) جاپان ايڇ ٿري راڪٽ جي روانگي کي هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ڪري ڇڏيو آهي . ان راڪٽ کي جاپان جي جي نيويگيشن سيٽلائٽ ميچي بيڪي نمبر 5 کي زمين جي چوڌاري مدار ۾ پهچائڻو هو. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق نيويگيشن سيٽلائٽ کي اربع  تي مقامي وقت مطابق صبح جو 11:11 منٽن تي لانچ ڪرڻو هو. پر لانچنگ سائٽ تي سسٽم ۾ خرابي سبب  لانچ کي ملتوي ڪيو ويو. جاپان ايرواسپيس ايڪسپلوريشن ايجنسي ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا صورتحال  جو جائزو وٺي رهيا آهن. ميچي بيڪي هڪ جاپاني سيٽلائٽ  آهي جنهن کي سمارٽ فونز، ڪارنيويگيشن سسٽمز ۽ ٻين خدمت لاءِ جي پي ايس جي درستگي کي وڌائڻ لاءِ ڊيزائن ڪيو ويو آهي. موجوده نظام جاپان جي چوڌاري چڪر لڳائيندڙ پنجن سيٽلائٽس تي ٻڌل آهي جيڪو نه صرف نيويگيشن ۾ مدد ڪري ٿو، پر اهڙن علائقن ۾ زلزلي جي هنگامي الرٽ ۾ به مدد ڪري ٿو  جتي مواصلاتي سگنل نه هجن. جاپاني حڪومت جو مقصد ستن سيٽلائٽس تي ٻڌل سسٽم قائم ڪرڻ آهي جيڪو پرڏيهي سيٽلائٽس تي ڌارومدار ڪرڻ کانسواءِ پوزيشننگ جي معلومات فراهم ڪرڻ جي قابل هجي.

مزید خبریں