ڪابل -16 ڊسمبر (اي پي پي) افغانستان ۾ صاف پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي، جنهن تي يورپ يونين خطري جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب يورپي يونين خبردار ڪيو آهي، ته افغانستان ۾ 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم آهن جنهن سبب افغان عوام طالبان رجيم کان بيزار ٿي چڪا آهن. رپورٽ ۾ ان ڳالهه تي شديد ڳڻتي جو اظهار …
افغانستان ۾ صاف پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو، 2 ڪروڙ ماڻهو متاثر

مزید خبریں
ڪابل -16 ڊسمبر (اي پي پي) افغانستان ۾ صاف پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي، جنهن تي يورپ يونين خطري جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب يورپي يونين خبردار ڪيو آهي، ته افغانستان ۾ 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم آهن جنهن سبب افغان عوام طالبان رجيم کان بيزار ٿي چڪا آهن. رپورٽ ۾ ان ڳالهه تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي، ته هڪ پاسي افغان طالبان خطي م دهشتگردي ڦهلائڻ ۾ مصروف آهن، جڏهن ته ٻئي پاسي افغان عوام پاڻي ۽ ٻين بنيادي سهولتن کان محروم آهن. يورپي يونين خبردار ڪيو ته گدلي پاڻي سبب بيماريون پکڙجي رهيون آهن. ۽ اهو خطرو شدت اختيار ڪري چڪو آهي. يونيسيف به رپورٽ ڪري چڪو آهي ته افغانستان ۾ 80 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي گدلو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهي. جنهن جي نتيجي ۾ 2 لک 12 هزار کان وڌيڪ ٻار پاڻي سبب منتقل ٿيندڙ بيماري جو شڪار آهن. صحت جي عالمي اداري سڄي ملڪ ۾ پاڻي مان پيدا ٿيندڙ بيمارين جا 9548 ڪيس رڪارڊ ڪيا آهن.






