يوڪرين امن معاهدي بابت 90 سيڪڙو معاملا طئي ٿي ويا: آمريڪي دعويٰ

واشنگٽن- 16 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪا دعويٰ ڪئي آهي ته يوڪرين جنگ جي خاتمي لاءِ 20 نڪاتي امن منصوبي تي آمريڪا، يوڪرين ۽ يورپي ملڪن وچ ۾ 90 سيڪڙو اختلافن تي اتفاق راءِ يا نمايان اڳڀرائي ٿي چڪي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ٻن اعليٰ آمريڪي اڳواڻن ٻڌايو ته يوڪرين امن معاهدي بابت وڌيڪ نڪتن تي ڌرين وچ ۾ فاصلا گهٽ ٿي ويا آهن، اها اڳڀرائي برلن ۾ ٿيل انهن …

واشنگٽن- 16 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪا دعويٰ ڪئي آهي ته يوڪرين جنگ جي خاتمي لاءِ 20 نڪاتي امن منصوبي تي آمريڪا، يوڪرين ۽ يورپي ملڪن وچ ۾ 90 سيڪڙو اختلافن تي اتفاق راءِ يا نمايان اڳڀرائي ٿي چڪي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب ٻن اعليٰ آمريڪي اڳواڻن ٻڌايو ته يوڪرين امن معاهدي بابت وڌيڪ نڪتن تي ڌرين وچ ۾ فاصلا گهٽ ٿي ويا آهن، اها اڳڀرائي برلن ۾ ٿيل انهن ڳالهين کانپوءِ سامهون آئي، جن ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي خاص نمائندي اسٽيو وٽڪوف ۽ سندس ڀيڻيوئي جيرڊ ڪشنر يوڪريني ۽ يورپي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون. يوڪريني صدر ولودومير زيلنسڪي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته برلن ڳالهيون صرف هڪ شروعاتي مسودو آهي. هن خبردار ڪيو ته امن منصوبي ۾ شامل ڪجهه نڪتا تباهه ڪندڙ ٿي سگهن ٿا، جن کي ڪڍڻ ضروري آهي. زيلنسڪي موجب يوڪرين نيٽو جي رڪنيت بدران مضبوط سيڪورٽي ضمانتون قبول ڪري لچڪ جو مظاهرو ڪيو آهي، پر اهو واضح ناهي ته آمريڪا پاران سيڪورٽي ضمانتن جي نوعيت ڇا هوندي ۽ ان لاءِ آمريڪي سينيٽ جي منظوري ضروري هوندي يا نه. ٻئي پاسي علاقائي معاملا اڃان به سڀ کان وڏي رڪاوٽ بڻيل آهن. يوڪريني صدر واضح ڪيو ته يوڪرين لاءِ اهو ناممڪن آهي ته هو اهڙن علائقن، خاص ڪري ڊونيٽسڪ جي حصن کان دستبردار ٿي وڃي، جنهن تي روس جنگ دوران قبضو ناهي ڪيو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته روس ۽ يوڪرين وچ ۾ جنگ جي خاتمي جا امڪان پهرين کان وڌيڪ وڌي ويا آهن، جڏهن ته هن ڳالهين کي مشڪل قرار ڏنو. وائيٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ٽرمپ چيو ته اڳڀرائي ٿي رهي آهي پر هڪ پيچيده معاملو آهي، سيڪورٽي ضمانتن جي حوالي سان سوال تي ٽرمپ چيو ته آمريڪا ان معاملي تي يورپ سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي ته جئين جنگ ٻيهر شروع نه ٿئي. آمريڪي اڳواڻن موجب امن ڳالهين جي سلسلي ۾ ڌرين جو ايندڙ اجلاس هلندڙ سال جي آخري هفتي ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي.

مزید خبریں