وزيراعظم شهباز شريف پاران عالمي اڳواڻن سان گڏ ترڪمانستان جي مستقل غيرجانبداري جي پاليسي جي علامت ”يادگارِ غيرجانبداري“ جو دورو

اشڪ آباد - 12 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي اڳواڻن سان گڏ ترڪمانستان جي مستقل غيرجانبداري جي پاليسي جي علامت ”يادگارِ غيرجانبداري“ جو دورو ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جيڪو ترڪمانستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي آهي، هن ترڪمانستان جي گادي واري شهر اشڪ آباد ۾ يادگار غيرجانبداري تي گل چاڙهيا. ان موقعي تي روس جي صدر ولاديمير پيوٽن، ترڪ صدر رجب طيب اردوان ۽ …

اشڪ آباد – 12 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي اڳواڻن سان گڏ ترڪمانستان جي مستقل غيرجانبداري جي پاليسي جي علامت ”يادگارِ غيرجانبداري“ جو دورو ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جيڪو ترڪمانستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي آهي، هن ترڪمانستان جي گادي واري شهر اشڪ آباد ۾ يادگار غيرجانبداري تي گل چاڙهيا. ان موقعي تي روس جي صدر ولاديمير پيوٽن، ترڪ صدر رجب طيب اردوان ۽ ترڪمانستان جي صدر بردي محمدوف سميت ڪيترائي عالمي اڳواڻ پڻ موجود هئا جن سان وزيراعظم جي خوشگوار جملن جي ڏي وٺ پڻ ٿي. ”يادگار غيرجانبداري“ ترڪمانستان جي مستقل غيرجانبداري جي پاليسي جي علامت آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف امن ۽ اعتماد بابت عالمي سال، غيرجانبداري بابت عالمي ڏهاڙي ۽ ترڪمانستان جي 30 سالا مستقل غيرجانبداري جي سالگرهه جي حوالي سان اشڪ آباد ۾ منعقد فورم ۾ شرڪت جي لاءِ ترڪمانستان جي دوري تي آهي. وزيراعظم فورم ۾ شريڪ عالمي اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو.

مزید خبریں