وزيراعظم شهباز شريف ترڪمانستان جي 30 سالا مستقل غيرجانبداري جي سالگرهه جي حوالي سان منعقد فورم ۾ شرڪت لاءِ پهچي ويو

اشڪ آباد - 12 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪمانستان جي 30 سالا مستقل غيرجانبداري جي سالگرهه جي حوالي سان منعقد فورم ۾ شرڪت جي لاءِ پهچي ويو. فورم ۾ ڪيترائي عالمي اڳواڻ شريڪ آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف فورم ۾ شرڪت جي لاءِ پهتو ته ترڪمانستان جي صدر سردار بردي محمدوف سندس شاندار آجيان ڪندي گرمجوشي سان هٿ ملايو. ان کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف …

اشڪ آباد – 12 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪمانستان جي 30 سالا مستقل غيرجانبداري جي سالگرهه جي حوالي سان منعقد فورم ۾ شرڪت جي لاءِ پهچي ويو. فورم ۾ ڪيترائي عالمي اڳواڻ شريڪ آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف فورم ۾ شرڪت جي لاءِ پهتو ته ترڪمانستان جي صدر سردار بردي محمدوف سندس شاندار آجيان ڪندي گرمجوشي سان هٿ ملايو. ان کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي اڳواڻن سان گڏ ترڪمانستان جي مستقل غيرجانبداري جي پاليسي جي علامت ”يادگار غيرجانبداري“ جو دورو ڪيو ۽ يادگار غيرجانبداري تي گل چاڙهيا. وزيراعظم محمد شهباز شريف فورم ۾ شرڪت کانسواءِ عالمي اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو.

مزید خبریں