ناڻي واري وفاقي وزير جي سعودي عرب جي ناڻي واري نائب وزير عبدالمحسن الخلاف سان ملاقات

رياض-11 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب رياض ۾ سعودي عرب جي نائب ناڻي واري وزير عبدالمحسن الخلاف سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي وزيرن پاڪستان ۾ ڪلي معيشت جي استحڪام جي رجحانن ۽ معيشت کي وڌيڪ بهتر بنائڻ جي گڏيل عزم تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سينيٽر محمد اورنگزيب پاڪستان جي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ سعودي عرب جي ٻه طرفي …

رياض-11 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب رياض ۾ سعودي عرب جي نائب ناڻي واري وزير عبدالمحسن الخلاف سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي وزيرن پاڪستان ۾ ڪلي معيشت جي استحڪام جي رجحانن ۽ معيشت کي وڌيڪ بهتر بنائڻ جي گڏيل عزم تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سينيٽر محمد اورنگزيب پاڪستان جي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ سعودي عرب جي ٻه طرفي ۽ گهڻ رُخي تعاون کي ساراهيو. ٻنهي ڌُرين طرفان ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو ته قيادت ۽ ٻنهي ڀائر ملڪن جي عوام جي اميدن تي پورو لهڻ لاءِ تدبيراتي ۽ حڪمت عملي جي ٻنهي محاذن تي ويجهو تعاون جاري رکيو ويندو. ناڻي وارو وزير رياض ۾ ٿيندڙ بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ سعودي عرب جي دؤري تي آهي. دؤري دوران هن شاهي درٻار جي صلاحڪار محمد التواجيري سان ملاقات ڪئي ۽ مختلف عالمي ميڊيا ادارن کي انٽرويوز پڻ ڏنا.

مزید خبریں