اسلام آباد-11 ڊسمبر (اي پي پي) قومي احتساب بيورو (نيب) هيڊ ڪوارٽر ۾ پاڪستان سوئيٽ هوم جي ٻارن جي لاءِ خصوصي تعارفي ۽ معلومات ويهڪ جو بندوبست ڪيو ويو جنهن ۾ نيب جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) نذير احمد ٻارن کي خطاب ڪندي چيو ته نوجوان نسل ۾ ايمانداري، ديانتداري ۽ جوابداري جو شعور پيدا ڪرڻ قومي ذميداري آهي. هن چيو ته اوهان اسان جي اميد آهيو، اوهان پنهنجي پاڻ …
نوجوان نسل ۾ ايمانداري، ديانتداري ۽ جوابداري جو شعور پيدا ڪرڻ قومي ذميداري آهي: نيب چيئرمين

مزید خبریں
اسلام آباد-11 ڊسمبر (اي پي پي) قومي احتساب بيورو (نيب) هيڊ ڪوارٽر ۾ پاڪستان سوئيٽ هوم جي ٻارن جي لاءِ خصوصي تعارفي ۽ معلومات ويهڪ جو بندوبست ڪيو ويو جنهن ۾ نيب جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) نذير احمد ٻارن کي خطاب ڪندي چيو ته نوجوان نسل ۾ ايمانداري، ديانتداري ۽ جوابداري جو شعور پيدا ڪرڻ قومي ذميداري آهي. هن چيو ته اوهان اسان جي اميد آهيو، اوهان پنهنجي پاڻ کي ڪڏهن به اڪيلا نه سمجهو، اسان جي ايندڙ قيادت اوهان مان ئي اُڀرندي. نيب ترجمان موجب تقريب ۾ نيب جي ڊپٽي چيئرمين سهيل ناصر، پراسيڪيوٽر جنرل نيب سيد احتشام قادر شاهه، نيب هيڊ ڪوارٽر جي ڊي جيز ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. چيف آپريٽنگ آفيسر پاڪستان سوئيٽ هومز زمرد خان (هلال امتياز) به تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ٻارن گذريل ڏينهن نيب راولپنڊي طرفان رٿيل بدعنواني جي خاتمي واري آگاهي واڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو جنهن جي تقريب ۾ ساراهه ڪئي وئي. نيب چيئرمين پنهنجي خطاب ۾ ٻارن جي جذبي، نظم و ضبط ۽ بدعنوانيءَ خلاف مهم ۾ فعال شرڪت کي ساراهيندي چيو ته ان ٻارن جي آمد سان نيب جو آڊيٽوريم اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خوبصورت لڳي رهيو آهي. هن چيو ته بدعنواني خلاف هفتيوار آگاهي مهم انهن ٻارن کي شامل ٿيڻ کانسواءِ مڪمل نه پئي ٿي سگهي. اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ رٿيل واڪ ۾ انهن جو جوش ۽ جذبو ڏسڻ وٽان هو. تقريب ۾ ٻارن سان سوالن ۽ جوابن جو سلسلو تعارفي ڳالهه ٻولهه ۽ انهن جي عزت افزائيءَ لاءِ خصوصي چانهه پارٽيءَ جو به بندوبست ڪيو ويو. نيب چيئرمين ٻارن کي تعليم ۾ محنت، اعليٰ اخلاقي قدرن ۽ مثبت ڪردار اختيار ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي. هن چيو ته نوجوان پاڪستان کي هڪ ترقي يافته ۽ مضبوط معاشي ملڪ بڻائڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪندا. سي اي او پاڪستان سوئيٽ هومز زمرد خان (هلال امتياز) پنهنجي خطاب ۾ چيو ته الله تعاليٰ کيس پاڪستان سوئيٽ هومز ذريعي هڪ اهم مشن عطا ڪيو آهي جتي يتيم ٻارن جي تعليم سان گڏوگڏ ڪردار سازيءَ تي به خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته اهي ٻار پاڪستان جي روشن مستقبل جا ضامن بڻجندا. آخر ۾ نيب چيئرمين ٻارن ۾ گهلي ملي ويو ۽ کين تحفا پڻ پيش ڪيا.











