ترڪيه جي آئيني عدالت جي صدر جي پاڪستان جي وفاقي آئيني عدالت جي پهرئين چيف جسٽس کي مبارڪون

اسلام آباد-11 ڊسمبر (اي پي پي) جمهوريه ترڪيه جي آئيني عدالت جي صدر قادر اوزڪايا پاڪستان جي وفاقي آئيني عدالت جي پهرئين چيف جسٽس، جسٽس امين الدين خان کي سندس مقرريءَ تي مبارڪون پيش ڪيون آهن. وفاقي آئيني عدالت جي رجسٽرار پاران جاري پڌرائيءَ موجب پيغام ۾ صدر اوزڪايا چيو ته مون کي يقين آهي ته اوهان جي باوقار قيادت ۾ وفاقي آئيني عدالت ملڪ ۾ آئيني انصاف ۽ قانون …

اسلام آباد-11 ڊسمبر (اي پي پي) جمهوريه ترڪيه جي آئيني عدالت جي صدر قادر اوزڪايا پاڪستان جي وفاقي آئيني عدالت جي پهرئين چيف جسٽس، جسٽس امين الدين خان کي سندس مقرريءَ تي مبارڪون پيش ڪيون آهن. وفاقي آئيني عدالت جي رجسٽرار پاران جاري پڌرائيءَ موجب پيغام ۾ صدر اوزڪايا چيو ته مون کي يقين آهي ته اوهان جي باوقار قيادت ۾ وفاقي آئيني عدالت ملڪ ۾ آئيني انصاف ۽ قانون جي حڪمرانيءَ کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. هن جمهوريه ترڪيه ۽ اسلامي جمهوريه پاڪستان وچ ۾ پُراڻن، گهرن ۽ تاريخي لاڳاپن جو پڻ ذڪر ڪيو. ان موقعي تي هن چيو ته ترڪيه جي آئيني عدالت ۽ پاڪستان جي اعليٰ عدليه وچ ۾ وڏي عرصي کان مضبوط عدالتي تعاون قائم آهي. مستقبل جي باري ۾ اميد جو اظهار ڪندي صدر اوزڪايا چيو ته اسان نئين قائم ٿيل وفاقي آئيني عدالت سان تعاون جي طريقيڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جا منتظر آهيون. هن خاص ڪري آئيني انصاف جي شعبي ۾ ڪيس لا ۽ بهترين عدالتي روايتن جي مٽاسٽا لاءِ ترڪيه جي تعاون جي آڇ ڪئي. ذڪر جوڳي ڳالهه آهي ته ترڪيه جي آئيني عدالت 1962ع ۾ قائم ٿي هئي ۽ اڄ دنيا جي 80 کان وڌيڪ ملڪن ۾ آئيني عدالتون فعال طور ڪم ڪري رهيون آهن.

مزید خبریں