اشڪ آباد - 11 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي رابطن سميت ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم ۽ زميني ۽ سامونڊي رستن جي ذريعي رابطا وڌائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪندي ترڪمانستان کي ڪراچي ۽ گوادر جي بندرگاهن جي ذريعي پنهنجي پهچ کي وڌائڻ جي آڇ ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب …
وزيراعظم شهباز شريف جي ترڪمانستان جي صدر سردار بردي محمدوف سان ملاقات، واپاري ۽ اقتصادي رابطن سميت ٻطرفا لاڳاپا مضبوط بڻائڻ جي عزم ۽ زميني ۽ سامونڊي رستن ذريعي رابطا وڌائڻ جي خواهش جو ورجاءُ

مزید خبریں
اشڪ آباد – 11 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي رابطن سميت ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم ۽ زميني ۽ سامونڊي رستن جي ذريعي رابطا وڌائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪندي ترڪمانستان کي ڪراچي ۽ گوادر جي بندرگاهن جي ذريعي پنهنجي پهچ کي وڌائڻ جي آڇ ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اشڪ آباد ۾ ترڪمانستان جي صدر سردار بردي محمدوف سان ٻطرفي ملاقات ٿي. وزيراعظم ترڪمانستان جي مستقل غيرجانبداري جي 30هين سالگرهه ۽ گڏيل قومن پاران 2025ع کي امن ۽ اعتماد جو عالمي سال قرار ڏيڻ تي ترڪمانستان جي صدر کي مبارڪباد ڏني. پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏيندي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن خاص طور تي واپاري ۽ اقتصادي رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم هلندڙ سال جي شروع ۾ ايران اسرائيل جنگ دوران پاڪستاني شهرين کي ايران مان حفاظت سان ڪڍڻ جي لاءِ تعاون تي ترڪمانستان جي قيادت ۽ حڪومت جا دل سان ٿورا ادا ڪيا. هن ترڪمانستان سان زميني ۽ سامونڊي رستن جي ذريعي رابطا وڌائڻ جي پاڪستان جي خواهش جو ورجا ڪيو ۽ چيو ته ڪراچي ۽ گوادر جي بندرگاهن جي جاگرافيائي بيهڪ مثالي آهي جنهن کي ترڪمانستان ڏکڻ ايشيا ۽ ان کان ٻاهر پنهنجي پهچ کي وڌائڻ جي لاءِ استعمال ۾ آڻي سگهي ٿو. پاڪستاني وفد جي شاندار مهمان نوازي تي ترڪمانستان جي صدر جا ٿورا مڃيندي وزيراعظم ترڪمانستان جي عوام جي قومي اڳواڻ گربنگولي بردي محمدوف جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ترڪمانستان جي عوام جي قومي اڳواڻ ۽ صدر سردار بردي محمدوف کي ايندڙ سال پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت جو ورجاءُ پڻ ڪيو. ترڪمانستان جي صدر وزيراعظم جا دوري ۽ امن ۽ اعتماد جي عالمي فورم ۾ شرڪت تي ٿورا ادا ڪندي چيو ته ترڪمانستان پاڪستان سان گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم امن ۽ اعتماد جي عالمي سال (2025ع)، غيرجانبداري جي عالمي ڏينهن ۽ ترڪمانستان جي مستقل غيرجانبداري جي 30هين سالگرهه جي موقعي تي منعقد عالمي فورم ۾ شرڪت جي لاءِ ترڪمانستان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، توانائي وارو وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ ڪابينا جا ٻيا ميمبر ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ ملاقات ۾ موجود هئا.











