پرڏيهي وزارت ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري (يورپ) پاران ناروي جي سفير کي طلب ڪيو ويو: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد - 11 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته پرڏيهي وزارت ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري (يورپ) ناروي جي سفير کي طلب ڪيو ۽ اسلام آباد ۾ عدالتي ڪارروائي ۾ سندس غيرضروري شرڪت جيڪا سفارتي پروٽوڪول ۽ عالمي قانونن جي واضح خلاف ورزي آهي، تي شديد خدشن جو اظهار ڪيو. هڪ عدالتي ٻڌڻي ۾ ناروي جي سفير جي موجودگي تي کيس ڏنل احتجاجي …

اسلام آباد – 11 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته پرڏيهي وزارت ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري (يورپ) ناروي جي سفير کي طلب ڪيو ۽ اسلام آباد ۾ عدالتي ڪارروائي ۾ سندس غيرضروري شرڪت جيڪا سفارتي پروٽوڪول ۽ عالمي قانونن جي واضح خلاف ورزي آهي، تي شديد خدشن جو اظهار ڪيو. هڪ عدالتي ٻڌڻي ۾ ناروي جي سفير جي موجودگي تي کيس ڏنل احتجاجي خط بابت ميڊيا جي سوالن جو جواب ڏيندي پرڏيهي وزارت جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو ته ناروي جي سفير کي پرڏيهي وزارت ۾ ايديشنل سيڪريٽري (يورپ) طلب ڪيو ۽ اسلام آباد ۾ عدالتي ڪارروائي ۾ سندس غيرضروري شرڪت جيڪا سفارتي پروٽوڪول ۽ لاڳاپيل عالمي قانونن جي واضح خلاف ورزي آهي، تي شديد خدشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ناروي جي سفير جو اهو قدم پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت جي برابر آهي، سفير تي زور ڏنو ويو ته هو ويانا ڪنوينشن جي لاڳاپيل آرٽيڪلز ۾ لکيل سفارتي طريقيڪار ۽ طئي ٿيل اصولن جي سختي سان پاسداري ڪري.

مزید خبریں