حيدرآباد-11 ڊسمبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري جي صدارت هيٺ گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ توانائي واري وزارت جي ڪانفرنس هال ۾ حيسڪو جي ماهوار ڪارڪردگي معلوم ڪرڻ جي سلسلي ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ حيسڪو جي نومبر 2025ع جي ڪارڪردگي تفصيل سان معلوم ڪئي وئي. حيسڪو جي ترجمان پاران جاري ڪيل تفصيلن مطابق ان موقعي تي حيسڪو چيف فيض الله ڏاهري ماهوار …
توانائي واري وفاقي وزير جي صدارت ۾ حيسڪو جي ماهوار ڪارڪردگي معلوم ڪرڻ جي سلسلي ۾ اجلاس

مزید خبریں
حيدرآباد-11 ڊسمبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري جي صدارت هيٺ گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ توانائي واري وزارت جي ڪانفرنس هال ۾ حيسڪو جي ماهوار ڪارڪردگي معلوم ڪرڻ جي سلسلي ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ حيسڪو جي نومبر 2025ع جي ڪارڪردگي تفصيل سان معلوم ڪئي وئي. حيسڪو جي ترجمان پاران جاري ڪيل تفصيلن مطابق ان موقعي تي حيسڪو چيف فيض الله ڏاهري ماهوار ڪارڪردگي بابت تفصيلي طور ٻڌايو ته حيسڪو جو ڪل علائقو 77160 اسڪوائر ڪلوميٽر آهي جڏهن ته حاضر سروس ملازمن جو تعداد 7370 آهي جڏهن ته 4002 خالي آساميون آهن. حيسڪو جا ڪل صارفين 12 لک 66 هزار 305 آهن. حيسڪو جون 79 گرڊ اسٽيشنون ۽ 677 فيڊرز آهن. حيسڪو صارف دوست پاليسي تحت 25 عدد 11 ڪي وي جنرل فيڊرن تي زيرو لوڊ شيڊنگ ڪئي آهي ۽ گذريل سال نومبر 2024ع جي ڀيٽ ۾ هن سال نومبر 2025ع ۾ 11.4 سيڪڙو وڌيڪ رڪوري ڪئي وئي آهي ۽ لاسز کي گهٽايو ويو آهي. صارفين جون شڪايتون ٻڌڻ جي لاءِ روزانو صبح جو 11 وڳي کان هڪ وڳي تائين پنهنجي آفيس ۾ کلي ڪچهري لڳائي ويندي آهي ۽ صارفين جا مسئلا حل ڪيا ويندا آهن. ان کان علاوه ڪسٽمر ڪيئر ون ونڊو سهولت تحت قائدا جوڙيا ويا آهن ڪنهن به علائقي ۾ ٽرانسفارمر خراب ٿيندو آهي ته اتي نئون ٽرانسفارمر لڳايو ويندو آهي. اهڙي ريت حيسڪو صارفين جو اعتماد حاصل آهي ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته هلندڙ مالي سال ۾ 68 عدد 11 ڪي وي جا فيڊر زيرو لوڊ شيڊنگ ڪنداسين، پيڊ انٽرن شپ پاليسي حيسڪو جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو متعارف ڪرائي وئي آهي جنهن تحت مختلف شعبن ۾ 100 نوجوانن کي حيسڪو ٽيم جو حصو بڻايو ويو آهي. ان موقعي تي وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري حيسڪو چيف فيض الله ڏاهري ۽ ان جي ٽيم جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته حيسڪو ۾ زيرو لوڊ شيڊنگ جي 25 عدد جنرل فيڊرن تي بجلي صارفين کي 24 ئي ڪلاڪ بجلي ڏيڻ سان حيسڪو کي 100 سيڪڙو رڪوري ٿي رهي آهي ۽ لاسز به گهٽجي رهيا آهن تنهن ڪري توهان ان پاليسي کي وڌيڪ تيز ڪيو ته جيئن حيسڪو جي مالي خساري ۾ واضع گهٽتائي اچي ۽ صارفين جو اعتماد به بحال ٿئي. هن چيو ته ڊسڪوز سپورٽنگ يونٽ جي مدد سان بجلي چوري جو مڪمل خاتمو ڪيو ۽ 100 سيڪڙو ريڪوري کي يقيني بڻايو . حيسڪو ۾ جزا ۽ سزا جي پاليسي تي عمل ڪيو وڃي جيڪو ملازم يا آفيسر سٺو ڪم ڪري رهيو آهي ان کي انعام ڏيو ۽ جنهن جي ڪارڪردگي خراب آهي ان کي فارغ ڪيو. ان عمل سان حيسڪو وڌيڪ ترقي ڪندو. ان موقعي تي حيسڪو چيف توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري کي حيدرآباد جو دورو ڪرڻ ۽ حيسڪو آپريشن گاڏين جي ورهاست واري تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ جي دعوت ڏني جنهن کي هن قبول ڪيو ۽ جلد ئي حيدرآباد جو دورو ڪرڻ جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ حيسڪو چيف سان گڏ چيف ڪمرشل آفيسر ذڪي مختيار ، عبدالماجد جتوئي ۽ لائزن آفيسر عامر نويد ميمڻ پڻ موجود هئا. ان کان اڳ ماهوار ڪارڪردگي معلوم ڪرڻ جي سلسلي ۾ ٿيل اجلاس جي صدارت توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري اسلام آباد ۾ ڪئي جڏهن ته ان سان گڏ توانائي وارو وفاقي سيڪريٽري فخر عالم محمود، سيد امتياز شاهه ، ايڊيشنل سيڪريٽري خالد خان ، جوائنٽ سيڪريٽري ڊاڪٽر حفصه راڻي، ڊپٽي سيڪريٽري سيد فيضان علي شاهه ، توانائي واري وزارت جو معاون ثاقب جمال، جنرل مئنيجر پي پي ايم سي ڊاڪٽر ڪاشف شهزاد، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ( پي آءِ ٽي سي ) ۽ سيڪشن آفيسر احمد سليم به موجود هئا جنهن ۾ حيسڪو جي نومبر 2025ع جي ڪارڪردگي تفصيل سان معلوم ڪئي وئي.











