گڏيل قومون-11 ڊسمبر(اي پي پي) افغانستان لاءِ گڏيل قومن جي نائب خاص نمائندي جارجٽ گيگنن خبردار ڪيو آهي ته افغانستان ۾ انساني بحران جي شدت سبب عورتن ۽ نياڻين جي حقن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي، جارجٽ گيگنن سلامتي ڪائونسل کي ٻڌايو ته جيتوڻيڪ افغانستان ۾ گڏيل طور تي سيڪيورٽي صورتحال ظاهري طور پر سڪون آهي جڏهن ته پاڪستان سان سرحدي ڇڪتاڻ ۽ عسڪري سرگرمين سبب حملا ٿي رهيا آهن. هن …
افغانستان ۾ انساني بحران ۾ شدت سبب عورتن ۽ نياڻين جي حقن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي:گڏيل قومون

مزید خبریں
گڏيل قومون-11 ڊسمبر(اي پي پي) افغانستان لاءِ گڏيل قومن جي نائب خاص نمائندي جارجٽ گيگنن خبردار ڪيو آهي ته افغانستان ۾ انساني بحران جي شدت سبب عورتن ۽ نياڻين جي حقن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي، جارجٽ گيگنن سلامتي ڪائونسل کي ٻڌايو ته جيتوڻيڪ افغانستان ۾ گڏيل طور تي سيڪيورٽي صورتحال ظاهري طور پر سڪون آهي جڏهن ته پاڪستان سان سرحدي ڇڪتاڻ ۽ عسڪري سرگرمين سبب حملا ٿي رهيا آهن. هن زور ڀريو ته افغانستان جي عارضي حڪومت عالمي برادري سان گڏيل رابطن جي موقعن کي لڳاتار نظر انداز ڪري رهي آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ عورتن ۽ نياڻين کي تعليم تائين رسائي نه آهي جنهن سبب ملڪ ۾ مستقبل جي ڊاڪٽرن ، استادن ۽ اڳواڻن جي کوٽ پيدا ٿي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته افغانستان ۾ ميڊيا جي آزادي پڻ شديد محدود ٿي چڪي آهي.هن خبردار ڪيو ته افغانستان ۾ عورتن جي شرڪت کان سواءِ انساني امداد ممڪن نه آهي. جارجٽ گيگنن چيو ته انساني حق اختيار نه پر روزانو جون بنيادي ضرورتون آهن. افغانستان ۾ عورتن ۽ نياڻين کي تعليم، ڪم ۽ مڪمل حصيداري جا موقعا فراهم ڪرڻ بحالي لاءِ اڻٽر آهن.






