آمريڪا پاران نيٽو کان علحدگي جي مطالبي تي ٻڌل بل آمريڪي ڪانگريس ۾ پيش

واشنگٽن -10 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪا جي نيٽو کان علحدگي واري مطالبي تي ٻڌل بل آمريڪي ڪانگريس ۾ پيش ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو بل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پارٽي سان تعلق رکندڙ رياست ڪينٽڪي مان ڪانگريس ميمبر ٽامس ميسي پيش ڪيو. بل جي مسودي موجب  نيٽو موجوده آمريڪي قومي سلامتي جي مفادن سان هڪجهڙائي نٿو رکي. ٽامس ميسي ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته نيٽو …

واشنگٽن -10 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪا جي نيٽو کان علحدگي واري مطالبي تي ٻڌل بل آمريڪي ڪانگريس ۾ پيش ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو بل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پارٽي سان تعلق رکندڙ رياست ڪينٽڪي مان ڪانگريس ميمبر ٽامس ميسي پيش ڪيو. بل جي مسودي موجب  نيٽو موجوده آمريڪي قومي سلامتي جي مفادن سان هڪجهڙائي نٿو رکي. ٽامس ميسي ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته نيٽو سرد جنگ جي يادگار آهي ۽ ان دفاعي اتحاد لاءِ آمريڪي فنڊنگ کي نظر ۾ رکندي  اسان کي ان کان الڳ ٿيڻ گهرجي ۽ ان رقم کي پنهنجي ملڪ جي دفاع لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي. نه ته سوشلسٽ ملڪن لاءِ بل جي مسودي ۾ چيو ويو آهي ته نيٽو جا ميمبر يورپي ملڪ پنهنجي دفاع لاءِ ڪافي اقتصادي ۽ فوجي صلاحيت رکن ٿا. مسودي ۾ اهو به چيو ويو آهي. ته دفاعي اتحاد نيٽو 1999ع ۾ اوڀر طرفان پنهنجي وسيع پيماني تي توسيع جي شروعات ڪئي، ان جي باوجود ته جي هڪجهڙائي ۽ بيان ان جي ابتڙ آهن. نيٽو هاڻي آمريڪي قومي سلامتي جي موجوده مفادن سان هم آهنگ ناهي. اڃا تائين اهو واضح ناهي ته آمريڪي نمائندن وارو ايوان ان بل تي ڪڏهن غور ڪري سگهي ٿو، ان جو جائزو وٺڻ کان اڳ دستاويز کي ايوان جي لاڳاپيل ڪميٽين مان منظوري وٺڻي پوندي. نارٿ ايٽلانٽڪ ٽريٽي آرگنائيزيشن (نيٽو) 1949ع ۾ قائم ٿيو. ان وقت هن جي ميمبرن جو تعداد 12 هو، جيڪو وڌي 32 تائين پهچي چڪو آهي.

مزید خبریں