غزه ۾ جنگ بندي باوجود هزارين ٻار غذائي کوٽ جو شڪار آهن: يونيسيف

جنيوا -10 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي ٻارن بابت اداري (يونيسيف) چيو آهي، ته غزه ۾ جنگ بندي جي 2 مهينن کان پوءِ به هزارين فلسطيني ٻار بدترين غذائي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب يونيسيف گذريل ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ته غزه ۾ 10 آڪٽوبر  کان جاري جنگ بندي باوجود هن وقت تائين غزه ۾ انساني بنيادن تي خوراڪ ۽ امداد آساني سان …

جنيوا -10 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي ٻارن بابت اداري (يونيسيف) چيو آهي، ته غزه ۾ جنگ بندي جي 2 مهينن کان پوءِ به هزارين فلسطيني ٻار بدترين غذائي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب يونيسيف گذريل ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ته غزه ۾ 10 آڪٽوبر  کان جاري جنگ بندي باوجود هن وقت تائين غزه ۾ انساني بنيادن تي خوراڪ ۽ امداد آساني سان فلسطينين سان گڏوگڏ ٻارن تائين پهچڻ به ممڪن نه ٿي سگهي آهي جنهن سبب هزارين فلسطيني ٻارن کي بدترين غذائي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. يونيسيف موجب هن وقت تائين 9300  اهڙن فلسطيني ٻارن کي علاج جي سهولت فراهم ڪئي آهي جيڪي غذائي کوٽ سبب سنگين بيمارين ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن ۽ اها صورتحال 10 آڪٽوبر کان شروع ٿيل جنگ بندي کان پوءِ پهرين مرحلي ۾ ڏٺي وئي آهي. جڏهن ته آگسٽ تائين اهو تعداد 14 هزار تائين پهچي چڪو هو. واضح رهي ته آگسٽ ۾ گڏيل قومن جي هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو هو ته غزه ۾ اٽڪل پنج لک ماڻهو ڏڪار کي منهن ڏئي رهيا آهن، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ عورتون ۽ ٻار ان بک ۽ ڏکار جو شڪار آهن.

مزید خبریں