منهنجو پسنديده لفظ ”ٽيرف“ آهي جيڪو آمريڪي معيشت ۽ قومي سلامتي لاءِ مرڪزي اهميت رکي ٿو : آمريڪي صدر

واشنگٽن -10 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي، ته سندس پسنديده لفظ ”ٽيرف“ آهي، جيڪو سندس موجب آمريڪي معيشت ۽ قومي سلامتي جي لاءِ مرڪزي اهميت رکي ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب هن اها ڳالهه پينسلوينيا جي علائقي مانٽ پوڪونو ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چئي. صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته مون کي لفط ٽيرف لغت جي هر ٻئي لفظ کان وڌيڪ پسند آهي. هن ان …

واشنگٽن -10 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي، ته سندس پسنديده لفظ ”ٽيرف“ آهي، جيڪو سندس موجب آمريڪي معيشت ۽ قومي سلامتي جي لاءِ مرڪزي اهميت رکي ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب هن اها ڳالهه پينسلوينيا جي علائقي مانٽ پوڪونو ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چئي. صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته مون کي لفط ٽيرف لغت جي هر ٻئي لفظ کان وڌيڪ پسند آهي. هن ان موقعي تي دعويٰ ڪئي ته اسٽيل انڊسٽري، خاص طور تي پينسلوينيا ۾ ڪم ڪندڙ اسٽيل ورڪرز،  سندس واپاري پاليسين عيوض غير معمولي حد تائين بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري رهيا آهن. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته جيڪڏهن سندس لاڳو ڪيل ٽيرف نه هجي ها ته آمريڪا ۾ اسٽيل انڊسٽري اٽڪل ختم ٿي چڪي هجي ها. واضح رهي ته ڊونلڊ ٽرمپ 2 اپريل تي 185 ملڪن ۽ علائقن مان آمدني واپار تي 10 کان 49  سيڪڙو تائين ٽيرف لڳائڻ جو اعلان ڪيو هو. يونيورسل  10 سيڪڙو ٽيرف  5 اپريل کان لاڳو ٿيو جڏهن ته مخصوص ملڪن تي لاڳو ٽيرف 9 اپريل تي لاڳو ٿيو.

مزید خبریں