آمريڪي يونيورسٽي ۾ فائرنگ، هڪ شاگرد مارجي ويو

نيويارڪ -10 ڊسمبر(اي پي پي)آمريڪا جي رياست ڪينٽڪي ۾ هڪ يونيورسٽي ۾ فائرنگ سبب هڪ شاگرد مارجي ويو ۽ هڪ شديد زخمي ٿي پيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو فرينڪفرٽ شهر جي سرڪاري يونيورسٽي ۾ ان وقت ٿيو جڏهن هڪ هال ۾ فائنل جو امتحان هلي رهيو هيو. اهو واقعو سياري جي موڪلن کان ڪجهه ڏينهن اڳ پيش آيو آهي. يونيورسٽي جي ترجمان ميڊيا کي …

نيويارڪ -10 ڊسمبر(اي پي پي)آمريڪا جي رياست ڪينٽڪي ۾ هڪ يونيورسٽي ۾ فائرنگ سبب هڪ شاگرد مارجي ويو ۽ هڪ شديد زخمي ٿي پيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو فرينڪفرٽ شهر جي سرڪاري يونيورسٽي ۾ ان وقت ٿيو جڏهن هڪ هال ۾ فائنل جو امتحان هلي رهيو هيو. اهو واقعو سياري جي موڪلن کان ڪجهه ڏينهن اڳ پيش آيو آهي. يونيورسٽي جي ترجمان ميڊيا کي ٻڌايو ته پولييس فائرنگ ڪندڙ شخص کي گرفتار ڪيو آهي سندس چوڻ هيو ته اهو يونيورسٽي جو شاگرد ناهي بظاهر اهو واقعو ٽارگيٽيڊ نٿو لڳي پر وڌيڪ جاچ جاري آهي.

مزید خبریں