آسٽريليا ۾ انسٽاگرام، ٽڪ ٽاڪ، يوٽيوب سميت 10 وڏن پليٽ فارمز جا هڪ ملين کان وڌيڪ اڪائونٽس بلاڪ

ڪينبرا-09 (اي پي پي) آسٽريليا دنيا جو پهريون ملڪ بڻجڻ وارو آهي جتي 16 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن لاءِ سوشل ميڊيا استعمال تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، جنهن تحت انسٽا گرام، ٽڪ ٽاڪ، يوٽيوب سميت 10 وڏن پليٽ فارمز جا هڪ ملين کان وڌيڪ اڪائونٽس کي بلاڪ ڪرڻو پوندو. پرڏيهي ميڊيا موجب گذريل رات لاڳو ڪيل پابندي جي خلاف ورزي ڪرڻ تي پليٽ فارمز تي 33 ملين …

ڪينبرا-09 (اي پي پي) آسٽريليا دنيا جو پهريون ملڪ بڻجڻ وارو آهي جتي 16 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن لاءِ سوشل ميڊيا استعمال تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، جنهن تحت انسٽا گرام، ٽڪ ٽاڪ، يوٽيوب سميت 10 وڏن پليٽ فارمز جا هڪ ملين کان وڌيڪ اڪائونٽس کي بلاڪ ڪرڻو پوندو. پرڏيهي ميڊيا موجب گذريل رات لاڳو ڪيل پابندي جي خلاف ورزي ڪرڻ تي پليٽ فارمز تي 33 ملين آمريڪي ڊالرن تائين ڏنڊ ٿي سگهي ٿو. ان قدم کي والدين ۽ ٻارن جي حقن جي حمايت آهي جڏهن ته ٽيڪنالاجي ڪمپينين ۽  اظهار جي راءِ جي حامين ان تي تنقيد ڪئي آهي. حڪومت جو چوڻ آهي ته پابندي جي اثرن کي ٻن سالن تائين اسٽين فورڊ يونيورسٽي ۽ 11 ٻين ماهرن ذريعي ان جو اونهائي سان تجزيو ڪيو ويندو. جيتوڻيڪ شروع ۾ 10 پليٽ فارمن کي شامل ڪجي ٿو، حڪومت جو چوڻ آهي ته فهرست ۾ نيون پراڊڪٽس ۽ صارفين جي تبديلي موجب تبديلي ٿي سگهي ٿي. پليٽ فارمز، عمر جي ڪاٿي، شناختي دستاويزن يا بينڪ اڪائونٽس جي بنياد تي صارف جي تصديق ڪندا، جڏهن ته ايلون مسڪ جي ايڪس پابندي تي اعتراض ڪيو ۽ ان کي انٽرنيٽ تائين رسائي کي ڪنٽرول ڪرڻ جو هڪ طريقو قرار ڏنو آهي. آسٽريليا جي ان ڪوشش کي سموري دنيا جون حڪومتون غور سان ڏسي رهيون آهن ان کي وڏي پيماني تي سوشل ميديا تي ٻارن جي حفاظت لاءِ هڪ ماڊل پڻ سمجهيو پيو وڃي.

مزید خبریں