ليٿوانيا يورپي فنڊن لاءِ ڊرونز جي راند کيڏي رهيو آهي: بيلاروس

منسڪ - 8 ڊسمبر(اي پي پي) بيلاروس جي پرڏيهي وزير ماڪسم ريز نيڪوف ليٿوانيا تي الزام لڳايو آهي ته هو سرحدي ڇڪتاڻ کي وڌائي پيش ڪري رهيو آهي ته جيئن يورپي يونين کان وڌيڪ مالي سهڪار حاصل ڪري سگهجي . پرڏيهي ميڊيا مطابق هن ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته ليٿوانيا ڊرونز جو ڊرامو ڪري يورپي مالي سهڪار لاءِ راند کيڏي رهيو آهي ۽ ان ۾ ان …

منسڪ – 8 ڊسمبر(اي پي پي) بيلاروس جي پرڏيهي وزير ماڪسم ريز نيڪوف ليٿوانيا تي الزام لڳايو آهي ته هو سرحدي ڇڪتاڻ کي وڌائي پيش ڪري رهيو آهي ته جيئن يورپي يونين کان وڌيڪ مالي سهڪار حاصل ڪري سگهجي . پرڏيهي ميڊيا مطابق هن ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته ليٿوانيا ڊرونز جو ڊرامو ڪري يورپي مالي سهڪار لاءِ راند کيڏي رهيو آهي ۽ ان ۾ ان کي پولينڊ جي رهنمائي حاصل آهي . هن دعوى ڪئي ته يورپي يونين مبينه طورتي بيلاروس ۽ روس جي غير روايتي جارحيت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ليٿوانيا کي اربين يورو ڏيڻ تي غور ڪري رهي آهي پر اها رقم حقيقي ترقياتي ڪمن ۾ استعمال نه ٿيندي. بيلاروس جي پرڏيهي وزير چيو ته اها رقم ڪنڪريٽ جي ديوارٺاهڻ ۽ اهڙا هٿيار خريد ڪرڻ تي خرچ ڪئي ويندي جنهن کي ليٿوانيا جي فوج استعمال ڪرڻ به نٿي ڄاڻي جڏهن ته ان سان خطي جي عوام جي معاشي نقصان جو ازالو نه ٿيندو.

مزید خبریں