ملائيشيا پاران ڪمبوڊيا-ٿائلينڊ سرحدي چڪرين تي ڳڻتي جو اظهار

ڪوالالمپور -08 ڊسمبر (اي پي پي) ملائيشيا، ڪمبوڊيا ۽ ٿائيلينڊ  جي سرحد تي ٻنهي ملڪن جي فوج وچ ۾ هٿياربند چڪرين تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي فوتگين ۽ زخمين جي وارثن سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو آهي.  پرڏيهي ميڊيا موجب ملائيشيا عي وزيراعظم انوار ابراهيم سوشل ميڊيا تي چيو آهي، ته تازين چڪرين ۾ انهن سمورين احتياطي ڪوششن کي نقصان پهچي سگهي ٿو جيڪي ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي لاڳاپن کي …

ڪوالالمپور -08 ڊسمبر (اي پي پي) ملائيشيا، ڪمبوڊيا ۽ ٿائيلينڊ  جي سرحد تي ٻنهي ملڪن جي فوج وچ ۾ هٿياربند چڪرين تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي فوتگين ۽ زخمين جي وارثن سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو آهي.  پرڏيهي ميڊيا موجب ملائيشيا عي وزيراعظم انوار ابراهيم سوشل ميڊيا تي چيو آهي، ته تازين چڪرين ۾ انهن سمورين احتياطي ڪوششن کي نقصان پهچي سگهي ٿو جيڪي ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڪيون ويون. هن چيو ته ملائيشيا جي ويجهي حصيدار هئڻ سان گڏوگڏ آسان جي اهم ميمبر ملڪن جي حيثيت سان ٿائيلينڊ ۽ ڪمبوڊيا تي زور ڀريو آهي، ته هو تحمل کان ڪم وٺن، ڳالهين جا دروازا کليل رکن ۽ حالتن کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان بچائين. هن چيو ته ملائيشيا اهڙن سمورن قدمن جي حمايت لاءِ تيار آهي، جيڪي امن جي بحالي ۽ وڌيڪ واقعن کي روڪڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. انور ابراهيم چيو ته خطو مسلسل تڪرار برداشت نٿو ڪري سگهي، ان لاءِ فوري ضرورت آهي ته چڪريون روڪيون وڃن، شهرين جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي ۽ سفارتي رستو اختيار ڪيو وڃي.

مزید خبریں