بيجنگ -08 ڊسمبر (اي پي پي) چين جو پرڏيهي واپار هلندڙ سال جي پهرين 11 مهينن دوران 3.6 سيڪڙو جي اضافي سان 412.1 کرب يوان تائين پهچي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب گذريل ڏينهن جاري سرڪاري انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي، ته چين جو مجموعي آمدني واپار ۽ روانگي واپار جنوري کان نومبر 2025ع دوران 3.6 سيڪڙو جي اضافي سان 412.1 کرب يو آن (58.2 کرب آمريڪي ڊالرن) تائين پهچي …
چين جو پرڏيهي واپار 11 مهينن دوران 3.6 سيڪڙو جي اضافي سان 412.1 کرب يوان تائين پهچي ويو

مزید خبریں
بيجنگ -08 ڊسمبر (اي پي پي) چين جو پرڏيهي واپار هلندڙ سال جي پهرين 11 مهينن دوران 3.6 سيڪڙو جي اضافي سان 412.1 کرب يوان تائين پهچي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب گذريل ڏينهن جاري سرڪاري انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي، ته چين جو مجموعي آمدني واپار ۽ روانگي واپار جنوري کان نومبر 2025ع دوران 3.6 سيڪڙو جي اضافي سان 412.1 کرب يو آن (58.2 کرب آمريڪي ڊالرن) تائين پهچي ويو. ڪسٽمز کاتي موجب نومبر ۾ پڻ روانگي واپار ۽ آمدني واپار جي اوسر واري شرح مستحڪم رهي، صرف نومبر مهيني ۾ چين جي آمدني ۽ روانگي واپار ۾ ساليانو بنيادن تي4.1 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ مجموعي واپار جو ڳاڻيٽو 39 کرب يو آن رڪارڊ ڪيوو يو.






