ويٽنام ۾ روڊ حادثو، ٻه ڄڻا اجل جو شڪار، ٽي زخمي

هنوئي-08 ڊسمبر(اي پي پي)ويٽنام جي صوبي ڪوانگ تري ۾ نارٿ سائوٿ ايڪسپريس وي  تي ٿيل حادثي ۾ ٻه ڄڻا فوت  ۽ ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب هڪ ٽريڪٽر ۽ ٽرڪ جي ٽڪر جي نتيجي ۾ ٽرڪ جي اڳئين حصي کي شديد نقصان پهتو جڏهن ته حادثي کان پوءِ ايڪسپري وي تي ڪيترائي ڪلوميٽر ٽريفڪ بند ٿي وئي. سرڪاري انگن اکرن موجب ويٽنام ۾ هلندڙ سال جي پهرين 11 …

هنوئي-08 ڊسمبر(اي پي پي)ويٽنام جي صوبي ڪوانگ تري ۾ نارٿ سائوٿ ايڪسپريس وي  تي ٿيل حادثي ۾ ٻه ڄڻا فوت  ۽ ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب هڪ ٽريڪٽر ۽ ٽرڪ جي ٽڪر جي نتيجي ۾ ٽرڪ جي اڳئين حصي کي شديد نقصان پهتو جڏهن ته حادثي کان پوءِ ايڪسپري وي تي ڪيترائي ڪلوميٽر ٽريفڪ بند ٿي وئي. سرڪاري انگن اکرن موجب ويٽنام ۾ هلندڙ سال جي پهرين 11 مهينن ۾ مجموعي طور تي 16 هزار 816 روڊ حادثا رپورٽ ٿيا جن ۾ 9 هزار 502 ڄڻا زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا جڏهن ته 11 هزار 142 زخمي ٿي پيا.

مزید خبریں